نيشنل ايڪشن پلان تحت سمورا هدف حاصل ڪنداسين: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان موجب ميجر جنرل افتخار چيو آهي ته اعليٰ سطح جي مقررين بابت اڳڪٿي نه ڪئي وڃي.

آرپريشن رد الفساد بابت پريس بريفنگ دوران ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته 22 فيبروري 2017ع تي آرمي چيف جي قيادت ۾ آپريشن رد الفساد جو آغاز ڪيو ويو، آپريشن رد الفساد کي اڄ 4 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، آپريشن رد الفساد 2 نڪاتي حڪمت عملي تحت ڪيو ويو، آپريشن جو مقصد عوام جو رياست تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ دهشتگردن کي مڪمل طور غير موثر ڪرڻ هو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن پاڪستان ۾ زندگي مفلوج ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش جي طاقت جو استعمال رڳو رياست جي صوابديد آهي،  ان جو دائرو سڄي ملڪ تي ٻڌل هو، هر پاڪستاني هن آڦريشڻ جو حصو ۽ ان جو سپاهي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ 3 لک انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، سنڌ ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، پنجاب ۾ 34 هزار انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيا ويا، گوادر ۾ هوٽل تي حملي جي دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو، ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملي کي ناڪام بڻايو، 750 مربع ڪلو ميٽر کان وڌيڪ علائقي تي رياست جي رٽ بحال ڪئي. 4 سالن ۾ 353 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا.

بابر افتخار چيو ته عوام جي حمايت يا عزم نه هجي ته اِها ويڙهه نٿي وڙهي سگهجي، جڳهن ادان سخت محنت سان وڏي دهشتگرد نيٽ ورڪ پڪڙيو، 78 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف موثر ايڪشن ڪيو ويو، دهشتگردن جا اثاثا منجمند ڪيا ويا، پيغام پاڪستان شدت پسندي جي نظريي کي گهڻي حد تائين شسڪت ڏني، 4 سالن دوران 1200 کان وڌيڪ شدت پسند هٿيار ڦٽا ڪري چڪا.

سندس چوڻ هو ته آپريشن رد الفساد رڳو فوجي آپريشن نه هو، مدارس اصلاحات ۽ اڳوڻي فاٽا جو خيبرپختونخواهه ۾ انضمام آپريشن رد الفساد جا ثمر آهن، گذريل هڪ سال اسان قدرتي آفتن مان گذرياسين، ڪورونا جو مقابلو حڪمت عملي ۽ داشمندي سان ڪيو، قدرتي آفتن دوران به آپريشن رد آلفساد نه روڪيو ويو، دهشتگردي جي خاتمي کان پوءِ معاشي بهتري به آڏو آئي، اڄ ملڪ ۾ راندين جا ميدان آباد آهن. دهشتگردي جي خاتمي کان پوءِ معاشي بهتري به آڏو آئي، اُهي علائقا جيڪي دهشتگردي جو شڪار هئا هاڻ اُتي اقتصادي سرگرميون جاري آهن.

هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۽ شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، هر سانحي کي دهشتگردي جي نظر سان نٿو ڏسي سگهجي، قبائلي ضلعن جو پنهنجو ڪلچر آهي، اُتان جي مسئلن جي حل ۾ وقت لڳندو. اُتي پوليسنگ معمول تي اچڻ تي دهشتگردي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي گذريل چار سالن جي سفر کي هر سطح تي قبول ڪيو پيو وڃي، ايف اي ٽي ايف تي هن جي آبزرويشن تي وڏو ڪم ڪيو ويو، ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي گهڻو پراميد آهيون.

افغان امن عمل جي حوالي سان پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو ادراڪ آهي ته افغانستان جي امن سان پاڪستان جو امن جڙيل آهي، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي واحد دلچسپي افغانستان ۾ امن جو قيام آهي، افغان امن عمل ۾ پاڪستان ڪنهن ڌر جي حمايت نه پيو ڪري.

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح تي مقررين ۽ بدلين بابت پڇيل سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي مقرري بابت خبرون بي بنياد آهن، فوج ۾ اعليٰ سطح جي مقرري بابت اڳڪٿيون نه ڪيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.