رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت طرفان عورتن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت موجب خواهشمند عورتون فوج ۾ داخلا جي درخواست آن لائن پورٽل تي ڏئي سگهن ٿيون.
وزارت چيو آهي ته عورتون سعودي آرمي، ائير فورس، نيوي ۽ ٻين ادارن ۾ ڀارتي جون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿيون، عورتن جي عمر 21 کان 40 سال، قد 155 سينٽي ميٽر يا ان کان وڌيڪ هجڻ ضروري آهي.