”مخالف ڌر سينيٽ ۾ صحافين جي تحفظ بابت بل جي مخالفت ڪئي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت صحافين ۽ انهن جي نوڪرين جي تحفظ جي لاءِ سينيٽ ۾ بل آندو پر مخالف ڌر پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن مخالفت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته هڪ ٻه ڏينهن اڳ سينيٽ ۾ پرائيويٽ ميمبر بل کي رد ڪيو ويو جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، ان بل سان اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪري سان سلهاڙيل معاملن کي هڪ ترتيب ۾ آندو وڃي.

سندس چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته هڪ ريگوليٽيري ادارو بڻايون جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪنهن به صحافي سان ڪا زيادتي نه ٿئي، ضابطن جي تحت سلهاڙيل رهن پر بدقمستي سان ٻنهي مخالف ڌر پارٽين مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ان جي مخالفت ڪئي.

هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان بل کي ڇو رد ڪيو ڇو ته هي بل صحافي برادري جي لاءِ هو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ ته نه هو ۽ اسان چاهيون ٿا ته صحافي ۽ هن جو روزگار محفوظ رهيو ۽ توهان جنهن به اداري سان سلهاڙيل آهي اُهو تعلق قانوني هجي.

هن چيو ته ڪجهه اهڙا ادارا آهن جنهن ۾ ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ناهن مليون، اڄ ڪلهه جي دور ۾ هڪ مهيني جي پگهار به نه ملڻ عذاب آهي، ان ڪري اسان پنهنجي وسان جيڪي ادائيگيون ميڊيا کي ڪرڻيون هيون اُحي ڪنهن حد تائين ڪري ڇڏيون.

شبلي فراز جو چوڻ هو ته هن هفتي به اسان 5 ڪروڙ رپيا اشتهارن جي مد ۾ ڏئي رهيا آهيون، آئون اپيل ڪيان ٿو ته ملازمن جون پگهارون ڪنهن به صورت ۾ التوا جو شڪار نه ٿيڻ گهرجن ڇو ته اِهو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ عمل آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر پاڻ هڪ ٻئي جي دشمن آهي، هڪ هئي پي ڊي ايم جي سڃاتي ويندڙ تحريڪ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ ان مان ظاهر اِهو ئي ٿيو ته ماڻهو به اهڙي تحريڪ جو نٿا ڏين جنهن جو ڪو اخلاقي بنياد هجي جهڙي توهان جي تحريڪ هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.