سکر ۾هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، ڦرلٽ

سکر(رپورٽر) سکر سول اسپتال ڀرسان فريڪ هل ڪالوني ۾ صبح جو سوير نامعلوم هٿياربندن عابد حسين شيخ کي گهر ۾ گهڙيهٿيارن جي زور تي روڪ رقم، اڍائي لک روپين جا پرائز بانڊ ۽ تي ٽي پسٽل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڦر دوران گهر ڌڻي عابد حسين پاران مذاحمت ڪرڻ تي ڏوهارين کيس سخت زخمي ڪري مرڻينگ حالت ۾ گهر اندر ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، صبح جي وقت هوش اچڻ تي گهر ڌڻي عابد حسين پاران سي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڪيو، اطلاع تي پوليس ۽ پاڙيوارن پهچي زخمي کي سول اسپتال سکر پهچايو سول اسپتال سکر ۾ داخل گهرڌڻي عابد حسين جو چوڻ هو ته نامعلوم هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڦر لٽ ڪئي. جنهن دوران مذاحمت تي هنن مون مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو ۽ گهر ۾ پيل روڪ رقم ۽ اڍائي لک روپين جا پرائز بانڊ ۽ پسٽل کڻي مونکي گهر ۾ بند ڪري فرار ٿي ويا، دانهو ڪرڻ تي پاڙيوارن گهر جو دروازو کولي مونکي سول اسپتال سکر پهچائي پوليس کي اطلاع ڪيو آهي ٻي طرف سي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڦورن جي فنگر پرنٽ حاصل ڪري جيوفرينسي لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا، جڏهن ته پوليس واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.