گُلَ جي خوشبُو

سارَ جي سفر ۾ ڀَٽڪندي، وڏي اسُرَ ويلَ ڪنهن ڳوٺ نُما شهر جي هڪ وڏي گهٽيءَ ۾ ڀَٽڪي پهتس… جنهن جو هُڳاءُ مونکي هن پاسي گِهِلي آيو … نگر ته ’غمدل‘، ’سام‘ (جئه سنگهاڻيءَ) ۽ ’قائل‘ جو ٿو لڳي… پر هن گهٽيءَ ۾ هيءَ ڪيڏي منَ موهيندڙ خوشبوء آ… دل ۽ ذهن کي سرشار ڪري ڇڏيندڙ… رُوحَ کي رعنائيون بخشيندڙ… هن گهٽيءَ جو هي گهر ايڏو اُجرو ڇو آ؟ جنهن جي ڇت تي ڪنول گُل جي مهانڊَي تي تعمير ٿيل پاڻيءَ جي ٽانڪِي نظر پئي اچي… ٽن ڏاڪن سان گهر جي داخلي دروازي جي ڪانن جي چِکَ (پَتَرَ) سان ڍڪيلَ دروازي جي ڀر ۾ تختي لڳل… جنهن جي پيشانيءَ تي لکيل آ ”المنظر“… هيٺان ٻي به ننڍڙي تختي لڳل آ… روشني گهٽ هجڻ جي ڪري ان تي درج ٿيل لفظ چٽا نه پئي نظر آيا… ويجهو وڃي ڏٺم… اها تختي منهنجي قد کان الاهي مٿي هُئي… پَٻن تي بيهي، پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم… لکيل هو ”مقصود گل“…اڇا!؟ هي سائين مقصود گل جو گهر آهي!؟ ’قائل‘ جو طلسماتي قصر آهي؟ تڏهن هن سڄيءَ گهٽيءَ ۾ ساهت جي سُرهاڻ ڦهلي پئي آ؟؟؟ هي آهي تخليقڪارن ۽ فنڪارن جو گهر!؟ تڏهن ان جي ڪنول جي گُلَ جي مُهانڊَي واري ٽانڪي به تخليقي زبان پئي ڳالهائي؟؟؟اهو سوچي ئي رهي هيس ته ”المنظر“ جي بلڪل ڀرسان واريءَ ’قاضي مسجد‘ مان فجر جي آذان جي صدا گُونجي… جنهن (مسجد) جو اڱڻ اڳي هن ئي گهر جي اڱڻ جو حصّو هو…ان درَ تي بيٺي ياد آيُم ته27 جنوريءَ جي تاريخ گذريل ٻن سالن کان سنڌ جي هڪ اهڙي سٻاجهڙي شاعر، نثرنويس، ليکڪ، استاد، تعليمدان، ڪمپيئر ۽ پنهنجي ذات ۾ اعليٰ گُڻن جي مالڪ شخصيت جي اسان کان وڇڙڻ جو درد ۽ جهوراڻي جو جِهيرُ کڻي ايندڙ ڏينهن آهي، جنهن کي سندس تعليمي حلقي سان واڳيل فردَ ”پروفيسر نائله گل قاضيءَ“ جي نالي سان سُڃاڻن ٿا، جڏهن ته سنڌي ادب، کيس ”سپنا گل قاضيءَ“ جي نالي ۽ حوالي سان سُڃاڻي ٿو. مٿي جڏهن مون گُڻن جو ذڪر ڪيو ته ان ۾ سندس فنونِ لطيفه سان وابستگيءَ واري تخليقي لياقتَ به شامل آهن، ته سندس اعليٰ اخلاقي قدرن وارا ذاتي لڇڻ به… جنهن ڪري سندس وجودَ، هن معاشري کي رُڳو سُڳنڌون ئي ارپيون. لاڙڪاڻي جا تعليمي ۽ تدريسي حلقا هن باصلاحيت جوان مرگ استاد جي مختصر تدريسي سفر ۾ سندس نمايان خدمتون وڏي عرصي تائين وساري ڪونه سگهندا، ڇاڪاڻ ته هن ڪلاس رُوم ۾ پنهنجي ابلاغ سان ڀرپور پاڙهڻ جي منفرد انداز توڙي ٻارن جي صلاحتين کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي، انهن مان هر ڪنهن جي وِتَ جي مناسبت سان ڌار ڌار توجهه ڏيڻ واريءَ ان ڏهاڪا پراڻيءَ ريت کي وري رائج ڪيو، جنهن لاءِ اسان جا ماضيءَ جا استاد مشهور هئا، جن ۾ هڪ نفسياتي ماهر واريون سموريون صلاحيتون موجود هونديون هيون. جيڪي ڪنهن به ٻار کي بيڪار سمجهي، ان کي عدم توجهيءَ جو شڪار ڪونه بڻائيندا هئا، بلڪه هر ڪنهن جا ڳُڻَ ڌار ڌار سُڃاڻي، انهن ۾ اهي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهو سڀ ڪجهه جي هن دؤر جي عام استاد مان ڀلي ڪو توقّع نه ڪري، پر جيڪا سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي سرموڙ شاعر ۽ عظيم انسان، مقصود گل جي نياڻي ۽ پهريون ٻار هجي (جنهن جي شاعراڻِي سڃاڻ سان گڏوگڏ سندس هڪ عظيم استاد جي سڃاڻپ کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي)، جيڪا  پنهنجن شاگردن ۽ انهن جي اولاد جي دلين تي اڄ ڏينهن تائين رقم ٿيل مثالي استاد، تعليمدان ۽ اخلاق اُجار معلّم، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي پوٽِي هجي ۽ جيڪا قاضي عبدالحق ”عبد“ جي پڙَ پوٽي هجي ۽ وڏي ڳالهه ته گلنار بدر جهڙي عظيم ماءُ جو پهريٺي ٻار هجي… اُن مان به اوهان اُن يڪتائيءَ جي اميد نه رکندئو ڇا؟ جنهن جي ”ڊِي اين اَي“ ۾ ئي علم ۽ ادب موجُود هجي، جنهن جي رڳن ۾ رت سان گڏ وضعداري ۽ فضيلت گردش ڪندي هجي. اهڙي سُشيل، سدوري، پنهنجي خانداني روايتن جي پاسدار سهڻي ساهتڪار ۽ تعليمدان اسان کان ٻه ورهه اڳ ايئن اوچتو هٿ ڇڏائي وئي، جو اڃا تائين پڪ ڪانه ٿي پوي ته هوءَ اسان جي وچان ايئن اُٿي وئي آهي.بقول استاد بخاريءَ جي ”المنظر ـ رتوديرو“ فقط هڪ عام گهر ناهي، بلڪه ماڻهو سازيءَ جي هڪ اهڙي فيڪٽري آهي، جنهن مان نه رڳو شرم، حياءَ، علم، حلم، ادب، تميز جي تربيت ٿيل هن معاشري جا فرد جنم وٺندا آهن، بلڪه هي ڄڻ ته تخليقڪارن جو ڪارخانو آهي، جتان هر دؤر ۾ سنڌ کي شاعر، مصوّر، صحافي ۽ استاد ميسّر ٿيندا رهيا آهن. سهڻو مقصود گل چوندو هو ته ”اسان جي گهر ۾ جيڪو پيدا ٿيندو آهي، ان جي هڪ هٿ ۾ قلم هوندو آهي ته ٻئي هٿ ۾ بُرش!“ سنڌي ساهت جي هنن ٻن هيڏن وڏن تخليقڪارن، ان خانوادي جي حوالي سان، جيڪي وصفون بيان ڪيون، ان کان پوءِ مون ناچيز جو ڪوبه تبصرو بي جا هوندو. نائله به پنهنجي هڪ هٿ ۾ قلم ۽ ٻئي هٿ ۾ بُرش کڻي پيدا ٿي. ننڍپڻ کان بيڪار دَٻن، گُگهين، پيڪنگ جي شين ۽ بلب جي دٻن کي ڪتب آڻي، ان مان دلچسپ ۽ عجب جهڙيون شيون تخليق ڪندڙ نائله، خطاطيءَ توڙي اسڪيچ ڊرائنگ جي لحاظ کان ايڏي سهڻي ڊزائنر هئي، جو جيڪڏهن پيشاورانه طور هوءَ فقط فائين آرٽس جو شعبو ئي پنهنجي اظهار لاءِ چونڊي ها، ته هن وقت سنڌ ۾ سندس معيار جي ٻي ڪا ڪيليگرافر ۽ چترڪار نه هجي ها. هوءَ آرٽ ۾ پنهنجي ٻئي نمبر چاچي ۽ سنڌ جي ناليواري مصوّر، قاضي اختر حيات کي پنهنجو استاد سمجهي ٿي، جنهن سندس ابتدائي ڪلاسن کان ميٽرڪ تائين جي تعليم ۾ پڻ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ نائله جهڙي ذهين ۽ هُوشيار شاگردياڻيءَ کي سماج جو انتهائي ڪارآمد فرد بڻائڻ ۾ هڪ مالهيءَ جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن سپنا جي روپ ۾ هڪ سَلو پوکي ان کي مسلسل پيار ۽ وصفن جو پاڻي ڏنو ۽ اسان کي سپنا جهڙي سُهڻي تخليقڪار جي صورت ۾ هڪ سائي دار وڻ ڏنو. شاعريءَ جي ميدان ۾ غزل کان نظم، وائيءَ کان ترائيل، چؤسٽي کان سانيٽ، پنجڪڙن کان آزاد نظم تائين، سپنا لڳ ڀڳ هر مُروّج صنف تي لکيو ۽ سهڻو لکيو… منفرد لکيو. ڀٽائيءَ کان غالب ۽ اقبال جي هن پُرجهيلَ پڙهندڙ جا تحرير ۾ موضوعَ رومان کان وٺي ڌرتيءَ جي درد تائين لاتعداد هئا. پنهنجي عظيم پيءُ وانگر هن جو رومانوي نظم يا غزل به ڪٿي نه ڪٿي پنهنجن پنهوارن جي سِڪَ ۽ سنڌ جي سُٻنڌ تي اچي پورو ٿئي ٿو ۽ سندس محبّت جا سڀ رستا، اچي مٽيءَ سان موهه تي کُٽن ٿا.

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سال 2000ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جو امتحان ”فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن“ ۾ پاس ڪرڻ، ”وائيس چانسيلرس ميڊل“ ماڻڻ، مقصود گل جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ٻارن جي مقبول رسالي ”گلدستي“ جي نائب ايڊيٽري ڪرڻ، عبدالحيّ قاضي ماڊل اسڪول رتيديري کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پاڙهڻ، اڪيچار اسٽيج پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ۽ ريڊئي تان لاتعداد سهڻا پروگرام ڪرڻ تائين جا سڀ دنياوي حوالا ۽ خوبيون پنهنجيءَ جاءِ تي امُلهه، پر سپنا جي ذات جو سُڀاءُ، شائستگي، سٻاجهڙائپَ ۽ گفتار توڙي ڪردار، تحرير توڙي تقرير جي سُونهن ڪٿي ملندي!! جنهن سان سندس شاگردن ۽ هم مڪتب ساٿياڻين کان وٺي سندس پاڙي جي ٻارن تائين سڀ ڪيڏو شدّت سان پيار ڪندا هئا… اهو ڪو انهن کان پُڇي!

سارَ جو سفر کُٽو نه هو… جاري هو…

ويرم لاءِ اک ٻُوٽَي کوليم ته مورڙي جي شهر جي هڪ شهرِ خموشان ۾ هڪ سهڻي مرقد جي سامهون… ادب مان ڪنڌ جُهڪائي پاڻ کي بيٺل ڀانيُم…

سُهڻِو…’ڪِريم ڪلر‘ جي ماربل سان سينگاريل مرقدُ… جنهن جي پيشانيءَ تي شعر لکيل آ:

سڀ دريُون درَ ورِي ورائي ڇڏ

ساهُه ٻُوساٽجي هوائُن سان

هتي ته سپنا سُتل آهي… اهو ته سندس شعر آهي… جيڪو سندس ڪتبي تي تحرير ٿيل آهي… اوچتو منهنجو به ساهُه ٻُوساٽجڻ لڳو… ته ڪيئن ان ئي ساهه ٻُوساٽجڻ جي تڪليف ۾ هن اڄ کان ٻه سال اڳ پنهنجو آخري ساهه استاد بخاريءَ جي شهر وٽان گذرندي کنيو هوندو…

منهنجا نيڻ لڙڪن سان ڀرجي ويا… ۽ سُڏڪا مونکي لوڙهڻَ لڳا…

پل ۾ ايئن لڳو، ڄڻ ڪنهن شفيق وجودَ پنهنجا ٻئي هٿَ منهنجي مٿي تي رکيا…. ۽ منهنجو مٿو پنهنجي سيني سان لائي، مونکي آٿت ڏيڻ لاءِ، منهنجي ڪن ۾ سُرٻاٽ ڪري پنهنجو شعر پڙهيو:

’گلَ‘ جي خوشبُوء آهه گهڙي کن جي لئه پر،

پوءِ به ڪيئي جيءَ جيئاري جيئندي آ

(مقصود گل)

ڪيڏو نه سچ آ… 42 سالن جي مختصر ڄمار ۾ سپنا، مون سُوڌا ڪيئي جيءَ جيئاري وئي، جيڪي کيس پيا ياد ڪندا ۽ سار جي سفر ۾ کيس مرڻ نه ڏيندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.