ڪريما بلوچ ۽ تدفين وارو معاملو

انساني حقن جي ترجمان ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي اڳوڻي چيئرپرسن ڪريما  بلوچ جي مڙهه کي سندس آخري خواهش موجب سندس اباڻي ڳوٺ تمپ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس خواهش هُئي ته هوءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن تمپ ۾ گذاري، ان جي وصعيت ” وائي وطن، هشڪن دار“ جي فلسفي جي مقصد وانگر آهي، ” وائي وطن، هشڪن دار“ جو مقصد آهي ته اسان جي وطن جي سڪل ڪاٺي به اسان لاءِ مشڪ امبر جيتري قيمتي آهي“. هاڻي ڪريما  جو روح تمپ ۾ آهي.ڪريما  بلوچ ڪئناڊا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ رهندي به بلوچستان جهڙي پوئتي پيل خطي سان انتهائي پيار ڪندي هُئي کيس بلوچستان جي مٽي ۽ ماڻهو سان  پنهنجي جان کان وڌيڪ پيار هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هو بلوچستان ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف ڪئناڊا ۾ آواز بلند ڪندي رهندي هُئي، هُن پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات بي ايس او جي پليٽ فارم تان ڪئي، هوءَ بلوچستان جي تاريخ جي پهرين ڇوڪري هُئي جيڪا بي ايس او جي چيئرمين شپ جي عهدي تائين پهتي هُئي، هُن بلوچستان ۾ سياسي عدم تحفظ ۽ عدم استحڪام ڪري بلوچستان کي خيرآباد چئي وڃي ڪئناڊا وسايو هو ۽ اتي ئي پنهنجيون سرگرميون شروع ڪيون هيون.هوءَ هڪ انتهائي بهادر ۽ دلير قسم جو ڇوڪري هُئي جنهن هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ بلوچ عورتن ۾ سياسي شعور بيدار ڪيو، ڪريما  بلوچ ڇوڪرين ۽ عورتن جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجي چڪي هُئي. بلوچ عورتون اهو سمجهڻ لڳيون هيون ته ڪريما  هڪ سوچ، هڪ نظريو ۽ فڪر هُئي، هوءَ هڪ رستو، جدوجهد ۽ مزاحمت جي نشاني هُئي، ڪريما  بلوچ کان اڳ بلوچستان ۾ بلوچ ڇوڪرين ۽ عورتن جو ڪو ذڪر جوڳو سياسي ڪردار نه هيو، پر سياست مرد ۽ نوجوانن جو ڪردار ئي اهم هوندو هيو.ڪريما  بلوچ جي سياست بلوچ سماج ۾ هڪ سنگ ميل ثابت ٿي آهي، هُن بلوچ سياسي جو بنياد پنهنجي گهر جي دروازي تي رکي ڇڏي هُئي ۽ بلوچ عورتن جي هڪ وڏي اڪثريت کي سياست جي ميدان ۾ آڻي بيهاريو، بلوچستان جي سياست ۾ اهو پهريون دفعو هيو جو بلوچ سياسي نئون رخ اختيار ڪندي قيادت ڇوڪرن بدران ڇوڪرين سنڀالي ورتي هُئي، ڪريما  بلوچ ، بلوچ معاشري ۾ هڪ بلوچ نياڻيءَ کي مزاحمت جو اهڃاڻ بڻايو ڇڏيو.، جنهن کانپوءِ هر ماڻهو پنهنجي نياڻيءَ کي پنهنجي پُٽ تي اهميت ڏيڻ لڳو، ۽ نياڻيءَ جي ڄم تي خوشيون ڪرڻ لڳو، ڪريما  جي لاش جي ڪئناڊا کان ڪراچي پهچڻ کانپوءِ هڪ نئين ڪهاڻي جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن کي بيان ڪري نه ٿو سگهجي.ڪريما  جي مڙهه کي لياري کڻي وڃڻو هو جتي کيس قومي اعزاز سان سندس جنازي نماز ادا ٿيڻي هُئي ۽ اتي لياريءَ جي عوام کي سندس ديدار ڪرڻو هو، پر ان جي مڙهه کي نه ته سندس وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري بلوچ يڪجهتيءُ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو، جنهن تي بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻ سردار اختر مينگل ٽوئٽ ڪندي چيو ته منهنجي وطن تي پهرا، منهنجي سوچ تي پهرا، منهنجي زبان تي پهرا، منهنجي ڪفن تي پهرا، منهنجي قبر تي پهرا اهو ئي ته بلوچستان آهي، ڪريما  جو مڙهه انتهائي سيڪيورٽيءَ ۾ سندس اباڻي ڳوٺ تمپ نيو ويو.ڪراچيءَ کان تمپ تائين رستي جي ٻنهي پاسي عورتن، نياڻين ۽ بلوچ مرد سندس مڙهه کي هڪ پرجوش ۽ شاندار سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ احتجاج جو عمل جاري رکندي، لياريءَ جي چاڪيواڙهه چونڪ تي احتجاج ڪيو ۽ ڪريما  بلوچ جي غائبانه جنازي جي نماز ادا ڪئي.بلوچستان جي سياسي تاريخ ۾ بلوچستان ۽ لياريءَ جو رشتو انتهائي اهم آهي، ۽ اڄ به ڪراچيءَ جون بلوچ آباديون بلوچستان جي سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ڪريما  بلوچ پنهنجي سياسي روپوشيءَ جي ڏينهن لياريءَ جي تنگ ۽ اونداهين ڳلين ۾ گذاريا هيا.ڪريما  بلوچ جي لاش کان اڳ نواب اڪبر بلوچ ۽ نواب خير بخش مريءَ جي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو هو. سياسي حلقن موجب جڏهن 11- جون 1981ع ۾ بي ايس او جي اڳواڻ حميد بلوچ کي مچ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي هُئي، تڏهن به ان جي لاش کي وارثن کي ڏيڻ بدران تحويل ۾ ورتو ويو هو، پر هڪ هيلي ڪاپٽر ذريعي ڊست ڪنچيءَ جي هڪ پهاڙي ٽڪريءَ تي رکيو ويو هو.بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ ڪريما  بلوچ جي حوالي سان حڪومت جي اختيار ڪيل رويي خلاف سخت احتجاج ڪندي بلوچستان ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي، بلوچستان جي سياسي حلقن ڪريما  بلوچ کي بلوچ عورتن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ رول ماڊل قرار ڏيندي کيس بلوچ شعور  جي علامت ۽ مزاحمت قرار ڏيندي چيو ته ڪريما  بلوچ جهڙيون هستيون روزانو پيدا نه ٿينديون آهن، سندس شهادت سبب پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ ۾ صديون لڳنديون، هُن جي جدوجهد بلوچ عورتن ۽ نوجوانن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.