پيروسڻ ۾ مبينا قتل ٿيل عورت جو ڪيس سندس مڙس، سهري، ڏير ۽ ڏيراڻي تي داخل

پيروسڻ (ن ع آ)پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادر ڏنو شر ۾ گذريل رات شادي شده عورت ڪونج شر جو پراسرار نموني لاش ھٿ آيو، جنھن بعد ڳوٺاڻن پاران پيروسڻ پوليس کي اطلاع ڏيڻ تي پوليس طرفان عورت جي لاش کي کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٺري ميرواھه منتقل ڪيو ھو، جڏھن ته لاش ھٿ اچڻ تي فوتي عورت جي مڙس ۽ ساھرن پاران پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا ھئا، جنھن بعد فوتي عورت جي پيءُ جي فرياد تي پيروسڻ ٿاڻي تي فوتي عورت جي مڙس محمد علي عرف پپو شر، سھري رضا محمد شر، ڏير منظور شر ۽ ڏيرياڻي رخسانا شر مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آھي فوتي عورت جي پيءُ فريادي وزير شر پاران ڪيس ۾ پنھنجو موقف داخل ڪرايو آھي ته جوابدارن منھنجي ڌي ڪونج شر کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو آھي، جڏھن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پيروسڻ پوليس پاران جوبدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپن ھڻڻ بعد به ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.