نصيرآباد ۾بدامني وڌي وئي، شهرين جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو

نصيرآباد (ت ر) ڪجھ ڏينهن کان شھر مان ٿيل چورين جي وارداتن جن ۾ چوري ٿيل سامان، موٽر سائيڪلن جي چوري، دڪانن کي کاٽ ۽ کيسن مان نڪتل بشنين هٿان پئسا واپس نہ ٿيڻ خلاف پوسٽ آفيس کان اتحاد جي صدر خدابخش سانگھرو، منظور علي اوڍاڻي، زوار حبدار لغاري، محمد ٽڳڙ، منصور سومري، حميد انقلابي، انور منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي فاضل راھو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي کي اتحاد ۾ شامل تنظيمن جي اڳواڻن، واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خدابخش سانگھرو، منظور اوڍاڻي، زوار حبدار لغاري، محمد ٽڳڙ، منصور سومري، سيد اختر شاھ نقوي. ثناء الله ابڙو، علي گل ڪانڌڙي، آصف ڪاٺئي، سماجي اڳواڻ عاشق علي نوناري نصيرآباد جي ايڌهي حاجي ممتاز علي شيخ. ظھور مغيري، ريشم گلي صدر سرفراز علي شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ پر امن شھر ۾ وڌندڙ چورين جي وارداتن شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، شھري توڙي واپاري غير محفوظ ٿي چڪا آھن، جڏهن تہ چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم سميت سونا زيور اڃان تائين واپس ناھن ٿي سگھيا نہ ئي چور گرفتار ٿي سگھيا آھن. ان ڪري اسين ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ٿا ڪيون تہ شھر جو مستقل امن بحال ڪري شھرين جون چوريون واپس ڪرايون وڃن، جڏهن ته احتجاجي ريلي ۾ شريڪ شھرين زوردار نعرا هڻندي هٿن ۾ بينر کڻي پوليس انتظاميا کي واضح ڪيو تہ نئي آيل وڏي منشي ديدار ڦلپوٽي ۽ سٽي گشت انچارج شينھن کوکر کي بدلي ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.