ڏکڻ آفريقا خلاف ڀرپور تياري ڪئي آهي: بابر اعظم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڪراچي ٽيسٽ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي، ميچ لاءِ ڪوچ جي صلاح بنا ٽيم نٿي ٺاهي سگهجي، ڪجهه صلاحون ڪوچ جون به هونديون آهن پر فائنل فيصلو منهنجو هوندو آهي.

ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ ميڊيا سان آن لائن گفتگو ڪندي بابر اعظم چيو ته ڪراچي ٽيسٽ لاءِ ڀرپور پلان جوڙيو آهي، ان تي مڪمل عمل ڪنداسين، پاڪستاني ٽيم جو دارومدار رڳو مون تي ناهي، ٻين رانديگرن جو به ڪردار هوندو آهي، اسان وٽ بهترين بيٽسمين آهن.

هن چيو ته بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس، ميدان ۾ رانديگرن جي حوصلا افزائي ضروري هوندي آهي، قيادت ڪندي رانديگرن سان جارحيت سٺي ناهي لڳندي، ڏسندڙن کي به سٺو ناهي لڳندو.

سندس چوڻ هو ته ڊوميسٽڪ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن وٽ سکڻ جو موقعو آهي، نوان رانديگر جيڪڏهن نه کيڏيا ته انهن ڪرڪيٽ ختم نه ٿي ويندي، باصلاحيت رانديگرن کي محنت جاري رکڻ گهرجي، کين مستقبل ۾ موقعا ملي سگهن ٿا.

بابر اعظم چيو ته مون تي ڪو دٻاءُ ناهي، ڪوچ جي مدد بنا ٽيم نٿي ٺاهي سگهجي، تنهن ڪري ان سان صلاح مشورو ضروري آهي پر پليئنگ اليون مون کي هلائڻي هوندي آهي، تنهن ڪري فائنل فيصلو منهنجو هوندو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته سٺا نتيجا اچن، ڏکڻ آفريقا خلاف رڪارڊ خراب آهي پر ان بابت نٿا سوچيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.