راضيديري ڀرسان ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

بهارو/راضيديرو(نمائندا) بهارو جي ڪچي واري علائقي لانڍيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلب علي جتوئي ۾ ھٿياربندن حملو ڪيو، فائرنگ جي  نتيجي ۾ گل حسن عرف گلو جتوئي گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو ۽ ھٿيار بند فرار ٿي ويا جنهن کان پوءِ لانڍيون پوليس لاش کڻائي گمس اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث عورت مختيار خاتون حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي لانڍيون پوليس جو چوڻ هو ته  الھيار ۽ گل حسن جتوئي وچ ۾ پراڻو زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ آهي، جنهن تان ھڪ ھفتو اڳ الھيار جي ڌر جو غلام عمر جتوئي فائرنگ ڪري ماريو ويو هو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو، جڏهن ته ڌريون مورچا بند ھئڻ سبب علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڳڻتي وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.