ڪوٽڙي: ميونسپل جو ڪرايو ادا نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي، 5 دڪان سيِلَ

ڪوٽڙي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي 174 دڪانن مان ڪيترن ئي دڪاندارن پاران  17 سالن کان ڪرايو ادا نه ڪرڻ خلاف ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر  ون ۽ ايڊمنسٽريٽر پاران ڪاروائي ڪندي 5 دڪان سيل ڪري  50 دڪاندارن کي وارننگ ڏني وئي، دڪاندار  رحمت ، اسلام الدين، نديم، ذولفقار ۽  اعجاز بلوچ کي دڪان مان ٻاهر ڪڍي دڪانن کي سيل ڪيو ويو. جڏهن ته ميونسپل عملي پاران ڪاروائي دوران  حددخلين کي به هٽايو ويو،  ان حوالي سان  ميونسپل انتظاميه مطابق ڪوٽڙي ۾ 174 کان وڌيڪ  سرڪاري دڪانن تي گذريل 20 سالن کان ٻه ڪروڙ  رپين کان وڌيڪ جا بقايا آهن پر ادائيگي بند ڪئي وئي آهي ، جنهن تي اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.