پي ڊي ايم اتحاد ڪڏهن پنهنجي منزل تي نه پهچندو: شاهه محمود قريشي

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ڊي ايم اهو ڪارروان آهي، جنهن کي پنهنجي منزل جي به خبر ناهي.

ملتان ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ڊي ايم بنا منزل ڪارروان آهي، اڳ ۾ استعيفيٰ، پوءِ لانگ مارچ ۽ هاڻ بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته پي ڊي ايم اتحاد ڪڏهن پنهنجي منزل تي نه پهچندو، قومي ناڻو لٽيندڙن کي ڪڏهن اين آر او نه ملندو، ڦورن جو سخت احتساب ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.