ادارن جي نجڪاري خلاف هر حد تائين وينداسين: رضا رباني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته عمران خان ملڪ بجاءِ پنهنجي اي ٽي ايمز کي فائدو پهچائڻ چاهي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا هلڻ نه ڏينداسين.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رضا رباني چيو ته ڪورونا وائرس دوران تحريڪ انصاف حڪمت وڏن سيڙپڪارن ۽ پنهنجي ساٿارين کي اين آر او ڏنو، وزيراعظم تعميراتي صنعت کي اين آر او ڏنو.

هن چيو ته عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) ۽ حڪومت ۾ معاهدي جو ڪنهن کي علم ناهي، ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي ايجنڊا هلڻ نه ڏينداسين، بجلي اگهن ۾ واڌ ۽ واپڊا جي امڪاني نجڪاري جي عمل کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، حڪومت جي ان قدم خلاف هر حد تائين وينداسين.

سندس چوڻ هو ته سڀني ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، اهو عمل اڳتي هلي نيشنل سيڪيورٽي رسڪ بڻجي سگهي ٿو، نجڪاري کان اڳ معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آڻڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ اسٽيل ملز ڪيس ۾ واضح طور چيو آهي ته معاملو سي سي آءِ ۾ وڃڻ لازمي آهي، هن وقت جيڪا به نجڪاري ڪئي پئي وڃي، اها غير آئيني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.