ڪوٽڙي ۾ ڌاڙو، گهرڀاتي يرغمال، ڏوهاري سامان ٻهاري ويا

ڪوٽڙي (  ت ر ) سائيٽ ڪوٽڙي جي خورشيد ڪالوني واري علائقي۾ چار نامعلوم ھٿياربند ياسر راجپوت جي گھر ۾ داخل ٿي  گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندن گھر مان 2 تولا سون 70 ھزار ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا، گھر مالڪ ياسر راجپوت موجب چار نقاب پوش ھٿياربن اسان جي گھر ۾ داخل ٿيا ۽ مون سميت گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ گھر ۾ پيل الھه تلھه کڻي فرار ٿي ويا آھن . ھن موجب سائيٽ پوليس وٽ اھڙي واقعي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آھي، ٻئي پاسي پوليس موجب واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي آھي جاءِ وارڌات جو معائنو ڪيو آھي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون، جوابدارن کي جلد ئي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا سين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.