بلاول ڀٽو زرداري 22 جنوري تي لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جو افتتاح ڪندو: ڄام اڪرام

صنعت، واپار، اينٽي ڪرپشن ۽ گڏيل امداد کاتي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 22 جنوري تي لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جو افتتاح ڪندو. اميد آهي ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جو قيام علائقي جي ماڻهن کي با عزت روزگار فراهم ڪندو ۽ خوشحالي آڻيندو. لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام اڪرام الله ڌاريجو جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪراچي،  حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۽ صوبي جي ٻين حصن ۾ صنعتي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبي جي نوجوانن کي باعزت روزگار فراهم ڪرڻ بابت  ڏاڍو پرجوش آهي ، دوري دوران عملدارن صوبائي وزيرڄام اڪرام الله ڌاريجو کي لاڙڪاڻو انڊسٽريل زون ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني،

رپورٽ-غلام مهدي لُنڊ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.