عمر ڪوٽ جي عوام کي مبارڪون هجن جن سليڪٽيڊ کي ڀڄايو:بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمر ڪوٽ جي عوام کي مبارڪون هجن جن سليڪٽيڊ کي ڀڄايو آهي ، اوھان جمھوريت ۽ غريب دشمنن کي ٻڌائي ڇڏيو ته ووٽ صرف بينظير ڀٽو جو آهي، عمرڪوٽ ۾ تڪ 52 تي ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي اميدوار امير علي شاهه جي فتح جي خوشي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي يتيمن جو ٽولو پھرين مشرف ۽ ھاڻ عمران سان گڏ آهي جن کي ھتان ٻه ڀيرا شڪست ملي آهي ، غريبن ھميشه ڀٽوازم جو ساٿ ڏنو آھي،

جلسي کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ، سردار علي شاهه ، امير علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو .

رپورٽ- الياس ٿري

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.