پي ٽي آءِ  عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا ، ھڪ به وعدو پورو نه ڪيو:  بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو منشور ۽ نظريو عوام جي سامھون آھي ،   پي ٽي آءِ  عوام سان ڪوڙا واعدا ڪيا ، ھڪ به واعدو پورو ناھي ڪيو، سکر ۾ ليبر ڪالوني جو افتتاح ڪري مزدورن ۾ فليٽن جي الاٽمينٽ جا ڪاغذ  ورهائڻ واري تقريب ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته هو خوش آهي ته  پورهيتن کي پنهنجا گهر ملي رھيا آھن ، ملڪ جي پورھيتن  جي حقن جو بنياد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ، پي پي ان نظريي ۽ منشور جو تسلسل آھي

تقريب کي بلاول ڀٽو زرداري ،  وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ، ،صوبائي وزير سعيد غني ، صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پڻ خطاب ڪيو ، تقريب ۾ شازيه مري، نثار کھڙو ، ڄام اڪرام ڌاريجو ، اويس شاھ ، فرخ شاھ ، نواب وساڻ ، امتياز شيخ ، سھيل انور سيال ، محمد بخش مھر شرڪت ڪئي

رپورٽ – اختيار چنا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.