نوشھرو فيروز: محرابپور جي صحافين تي با اثرن جي حملي خلاف احتجاجي ريلي

محرابپور جي صحافين مٿان ڪڪڙن جي ميل جي ڪوريج دوران با اثر ماڻھن پاران حملي ڪرڻ خلاف ۔نوشھرو فيروز الله واري چوڪ کان سنڌ يونين آف جنرلسٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ايم ظفر تڳر قاضي،  اياز عالم ۔اطھر جوکيو ۔اقبال گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي ۔ ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو  ته حق ۽ سچ لکڻ ڪري صحافين کي يرغمال ڪري صحافين مٿان حملا معمول بڻجي ويا آهن  تازو ٽوٽا ڳوٺ ۾ ڪڪڙن جي ميل ۽ جوا جي ڪوريج ڪرڻ لاء  پهتل صحافين منور علي منور ۽ نعمان ميمڻ  مٿان  ميل ڪرائيندڙ با اثر ماڻھن  پاران حملو ڪيو ويو جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا، هنن انتظاميا کان گهر ڪئي ته حملو ڪندڙن  کي فوري گرفتار ڪري مٿن ايف آء آر درج ڪئي وڃي وڃي

رپورٽ-ايم ظفر تڳر

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.