حليم عادل شيخ کي سنڌ ۾ وڏي ذميواري ملي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ حليم عادل شيخ جي چونڊ ڪري ورتي.

فردوس شميم نقوي طرفان اپوزشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف قيادت پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو.

ذريعن موجب اهو فيصلو گورنر هائوس ۾ مشاورت کانپوءِ ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران اسماعيل ان سلسلي ۾ اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم کان سهڪار طلب ڪندي، گڏوگڏ تحريڪ انصاف قيادت اسيمبلي ميمبر بلال غفار کي پارلياماني ليڊر نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.