شهدادپور ۾ صفائي ملازمن جو زيادتين خلاف احتجاج

شهدادپور (ن  ع  آ) شھدادپور ميونسپل ڪاميٽي جي صفائي عملي جي يونين جي طرفان سفيد پوش مسلمان ڀنگين کي پروموشن ڏيڻ ۽ صفائي واري عملي سان ذيادتي خلاف ملازمن يونين صدر جيش ڪمار. سنيل ڪمار. مڪيش ڪمار. رميش ڪمار. ڪالو ڪمار جي اڳواڻي ۾ شھدادپور پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي مظاهرين چيو ته ميونسپل ڪميٽي ۾ بااثر ڌرين جي آشيرواد سان ڀرتي ڪيل مسلمان ڀنگي ملازم ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن ۽انهن گوسڙو مسلمان ڀرتي ڪيل ملازمن کي 8کان 12 گريڊ ۾ پروموشن ڏنا پيا وڃن ۽ اسان ڏينهن رات محنت ڪندڙن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي هنن گهر ڪئي ته وائيٽ ڪالر اوطاقن تي حاضريون ڀريندڙ مسلمان ڀنگين کان گٽرن جو ڪم ۽ کين هٿن ۾ ٻهارا ڏئي صفائي جو ڪم ۽ ڪچرو کڻايو  وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪري پروموشن ۽ گهربل سهولتون مهيا ڪيو وڃن ٻي صورت ۾ اسان ڪم ڇڏ هڙتال ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.