عادلپور: وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو احتجاج

عادلپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون

عادلپور  ۾ وڌندڙ بدامني خلاف مولوي محمد قاسم کهاوڙ، نصرالله گبول، امان الله مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ان موقعي تي اڳواڻن ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته عادلپور ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته بدامني سبب شهرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، هنن چيو ته ٻن ڌرين جي جھيڙي کي حل ڪرائڻ لاءِ ايس ايڇ او عادلپور وٽ ملڻ وياسين ته ايس ايڇ او آپي مان نڪري ويو ۽ اسان جي اڳواڻن سان بداخلاقي ڪندي گھٽ وڌ ڳالھايو  هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ بدامني جو نوٽس وٺي ايس ايڇ او  کي فوري هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.