لاس ويگاس ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي نمائش سي اي ايس ۾ ڪيترائي نوان ليپ ٽاپ متعارف ڪرايا ويا آهن.
پر انهن مان هڪ ليپ ٽاپ ٻين کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، جنهن کي هانگ ڪانگ سان تعلق رکندڙ ڪمپني نيڪسزٽگو پيش ڪيو.
ايويتا ايڊميرر 2 کي اصل ۾ موجده عهد جي سڀ کان مقبول رجحان لائيو اسٽريمنگ کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو يوو آهي.
ان ليپ ٽاپ ۾ جيڪي شيون ڌيان جو مرڪز بڻجي ٿي اها هن جي رنگ لائٽ آهي جيڪا سڄي اسڪرين تي ڊوڙندي نظر اچي ٿي.
پر ان ۾ خاص ڳالهه اِها هب آهي ته هن ۾ هڪ نه پر 3 ويب ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن ۽ هي ان قسم جو دنيا جو پهريون ليپ ٽاپ به آهي.
ڪمپني ليپ ٽاپ جي سي پي يو، جي پي يو، اسڪرين ريزولوشن ۽ ويب ڪيم ريزولوشن وغيره جي باري ۾ اڃا ڪجهه ظاهر ناهي ڪيو.
اوريجنل ايڊميرر جيان هن ڀيري به فنگر پرنٽ ريڊر ۽ ٽريڪ پيڊ نون ليپ ٽاپس جو حصو آهن، پر وڏي تبديلي پهرين کان وڏا اسپيڪر آهن، جنهن ۾ سب ووفر سسٽم لڳل آهن.
هانگ ڪانگ جي هن ڪمپني وٽ ايشيا ۾ وائيو جي شيون وڪرو ڪرڻ جو لائسنس موجود آهي.