ڪرڪ مندر واقعو، 12 پوليس اهلڪار نوڪرين تان فارغ

 

ڪرڪ (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ مندر ۾ ڀڃ ڊاهه جي واقعي ۾ 12 پوليس اهلڪارن کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو آهي.

ڊي پي او ڪرڪ موجب واقعي وقت پوليس اهلڪارن جي بزدلي، غير ذميواري ۽ غفلت ثابت ٿي، پوليس اهلڪار مندر جي حفاظت ۾ ناڪام رهيا.

ڊي پي او پوليس اهلڪارن کي نوڪري تان ڪڍڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، گڏوگڏ 33 اهلڪارن کي هڪ سال جي معلطي جي سزا به ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.