نواب ثناءُ الله زهري جي والده لاڏاڻو ڪري وئي

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير، چيف آف جهالاوان نواب ثناءُ الله زهري جي والده لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ انجيره ۾ ادا ڪئي وئي،بعد ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، نواب پسند خان زرڪزئي جي پوٽي، شهيد نواب نوروز خان زهري جي ڌيءُ، نواب دودا خان زهري جي بيواهه، نوابزاده مير علي نواز زهري، اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري، مرحوم نوابزاده مير يوسف زهري، مرحوم نوابزاده ميرسڪندر زهري، پي ٽي آءِ اڳواڻ نوابزاده مير نعمت الله زهري، شهيد نوابزاده مير مهر الله زهري جي والده، شهيد بابا سڪندر زهري ۽ نوابزاده مير حمزه زهري جي ڏاڏي گذريل رات ڪراچي ۾ دم ڏنو، مرحومه جي جنازي نماز ۾ مير ڪريم الله، مير ظفر، بلوچستان جي قبائلي شخصيتن، سردارن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.