شادي پلي ۾مختلف شاخن جي کاٽي نه ٿي، آبادگار پريشان

شادي پلي (ن ع آ) شادي پلي ويجهو مٺڙائو ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي کاٽي شروع نہ ٿي سگهي ۔ آبادگارن ۾ بيچيني ۔ تفصيل موجب ۔ واهن ۽ شاخن جي سالياني وارا بندي هجڻ باوجود شادي پلي ويجهو وهندڙ مٺڙائو ڪئنال ۽ ان جي سنڌڙي ۽ سامارو سب ڊويزنن جي حدن مان نڪرندڙ ڪنهن بہ شاخ توڙي مين ڪئنال جي اڃا تائين ڪا بہ صفائي توڙي کاٽي وارو ڪم شروع نہ ٿي سگهيو آهي ۔ جنهنڪري آبادگار طبقو پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ۔ ان ڏس ۾ هتان آبادگارن دلبر بلوچ ۔ امداد بلوچ ۔ نند لال ۔ لڇمڻ ڪولهي ۽ صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ آپباشي کاتي جي شيڊول موجب وارا بندي دوران مٺڙائو ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن جي صفائي توڙي کاٽي وارو ڪم شروع ڪرڻو هوندو آهي۔.  وارا بندي جي شيڊول موجب  ۔ پاڻي جي سالياني وارا بندي ختم ٿيڻ ۾ ڪجھ ڏينهن رهيا آهن ۔ پر سنڌڙي توڙي سامارو سب ڊويزن جي حدن مان نہ ئي مٺڙائو ڪئنال جي صفائي ۽ کاٽي ٿي رهي آهي ۽ نہ وري ٻنهي سب ڊويزنن جي حدن مان نڪرندڙ سعيدڪي شاخ ۔ پلي شاخ ۔ ڀرڳڙي شاخ ۔ سهراب شاخ ۔ قبول شاخ ۔ گڙڪي شاخ جي هن مهل تائين صفائي يا کاٽي ٿيندي نظر نہ آئي آهي ۔ هنن چيو تہ واهن ۽ شاخن جي کاٽي ۽ صفائي لاء آبپاشي کاتي پاران هر سال ڪروڙين روپيا رقم مختص ڪئي ويندي آهي ۔ پر اها رقم هميشہ وانگر هن سال بہ ٽڪي جو بہ ڪم نہ ٿيڻ ڪري ڪرپشن جي نذر ٿي وئي آهي ۔ جڏهن تہ واھ ۽ شاخن ۾ پيل وڻن جي ڍينگرن کي آبپاشي عملدارن پاران ڪڍڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي ۔ جنهنڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي نہ پهچي سگهندو ۔ جنهن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو  آهي ۔ اهڙي صورتحال سبب آبادگار طبقو پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ۔ هنن اعلہ اختيارين کان مطالبو آهي تہ مامري جو نوٽس وٺي واهن ۽ شاخن جي کاٽي ڪرائي آبادگارن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.