ميرپورخاص ۾ گٽر نالي ڀرسان پيرسن جو لاش هٿ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ايس ايل ڊي ڪارخاني لڳ گٽر نالي مان ميرپورخاص جي علائقي  لوڪوشيڊ جي رهواسي 80 ورهين جي پيرسن حاجي ابراهيم سانڀري جي لاش هٿ آئي آھي گٽرنالي مان لاش ھٿ اچڻ جي اطلاع تي حد جي غريب آباد پوليس پاران لاش کي گٽر نالي مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاء لاش سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪئي ويئي پوليس موجب واقعي جي جانچ جاري آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد حقيقت سامهون اچي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.