لاڙڪاڻي مان مبينا اغوا ٿيل پورهيت جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي قطب ڪالوني جي رهواسي مبينا اغوا ٿيل پورهيت نوجوان جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات  ريشمان جيهو پنهنجي ڀاءُ محمد سفر جيهو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي پنهنجي ئي مائٽن سان ڪارنهن معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تڪرار ۾ اسان جي مخالف ڌر جي ماڻهن علي گل جيهو، آصف، غفار، سليم جيهو، غلام قادر، منظور جيهو ۽ ٻين منهنجي ڀيڻوئي جند جيهو کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جي خون سان انصاف ناهي ٿيو. هن چيو ته ٽي ڏينهن اڳ ڀاءُ امير جيهو گهر جو سامان وٺڻ لاءِ گهران نڪري پراسرار نموني گم ٿي ويو کيس شهر جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سميت پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو، شڪ آهي . مخالفن ڀاءُ کي اغوا بعد گم ڪري ڇڏيو آهي سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ حد جي تعلقي ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري خدشو آهي ته بااثر ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيندا ان لاءِ اسان جي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀاءُ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري کيس بازياب ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ميان صاحب ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ، 5 ڄڻا زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان قومي شاهراهہ سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ابدال شاخ وٽ ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار عبدالرشيد بکراڻي ، احمد علي ، شاهہ محمد ۽ مسمات سميرا سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي سلطان ڪوٽ  پوليس مقامي سرڪاري اسپتال پهچايو جڏهن تہ پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو .

مبارڪپور ۾ موٽرسائيڪل ترڪڻ سبب  2 نوجوان زخمي، اسپتال منتقل

مبارڪپور ( ن ع آ) مبارڪپور لڳ ڳوٺ پراڻو ميرل جا رهواسي 22 ورهين جو نعيم پٽ محمد اسلم ڪٽو،  ۽ 18 ورهين جو نو جوان ارسلان پٽ محمد اسلم ڪٽو پنهنجي ڳوٺ کان ميان صاحب اسڪول وڃين رهيا  تہ ڳوٺ شاهنواز بروهي وٺ موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي ۽ هو هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث مقامي اسپتال علاج لاء کڻائي ويا جتي زخمين جي مرهم پٽي ڪئي وئي  .

اوستا محمد ڀرسان حادثي ۾ زخمي ٿيل پيرسن لاڙڪاڻي اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي شهر اوستا محمد ڀرسان ڳوٺ غلام مصطفيٰ رند واسي اڌڙوٽ پورهيت عبدالرحمٰن رند اوستا محمد روڊ تي تيز رفتار ويگن جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ويگن تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد وارثن جي مدد سان زخمي کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي پورهيت صحافين کي ٻڌايو ته آءُ اوستا محمد روڊ تي بيٺو هيس جتي اوچتي تيز رفتار ويگن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيس جنهن بعد پوليس ۽ وارثن مون کي زخمي حالت ۾ کڻائي اسپتال داخل ڪرايو آهي.

اڏيري لال ويجهو ٻن ٽرالرن ۾ زوردار ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي نقصان

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) کيبر نيشل هاء وي روڊ تي ٻن ٽيلرن وچ ۾ زور دار ٽڪر.ڪنهن به جاني نقصان کان بچاء ٿي ويو.جئين ته کيبر شھر جي مين بس اسٽاپ تي  نيشل هاء وي روڊ جي ٻنهي پاسن کان غير قانوني اڏاوتن ڪري ھتان کان ايندڙ ويندڙ گاڏين کي تمام وڏي تڪليف پيش اچي ٿي.ياد رهي ته ڪجھ وقت پهرين ڊپٽي ڪمشنر مٽياري طرفان ڪرايل انڪروچمنٽ تحت ٻنهي روڊن جي وچ ۾ غير قانوني اڏاوتن کي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيو هو.جئين ته هينئر آھستا آھستا ٻنهي  روڊ جي وچ ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڊھڻ ڪري روڊ جي پاسن کان اڏاوتون ٺهڻ شروع ٿي ويون آھن.ان موقعي تي کيبر جي شھرين ميڊياجي نمائندن کي ٻڌايو ته نيشل هاء وي کيبر اسٽاپ تي ٻنهي روڊن جي پاسي  ۾ غير قانوني اڏاوتن ٺھڻ ڪري اسٽاپ تي وڏي رش نظر ايندي آھي جيئن ته هن اسٽاپ تي نواب شاه کان ڪراچي جي بسن جو اڏو پڻ موجود آھي. جن کي پڻ اچ وڃ جي تڪليف پيش اچي ٿي.جينئن ته ٻنهي  روڊن جي وچ ۾ بيٺلن چنگچين, سوزڪين ۽ رڪشا وارن طرفان لاپرواهي سان پنهنجو گاڏيون بيهارڻ ڪري اهڙا حادثا روز جو معمول بنجي ويا اهن.اسان ڊپٽي ڪمشنر مٽياري  ۽ روڊ انتظاميان کي اپيل ٿا ڪريون ته کيبر اسٽاپ تي اڪروچمنٽ هٽرائي ڪرائي غير قانوني حد دخليون ڊهرائي ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ عام ماڻھن کي تڪليف کان بچايو وڃي .

ڊکڻ لڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي، هڪ ڄڻو گرفتار

ڊکڻ ( ن ع آ)  ڊکڻ ۾ سڱاوتي معاملي تان سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي،مديجي اسپتال منتقل،پوليس هڪ ڄڻي  کي گرفتار ڪري ورتو،ڪيس داخل،خبر موجب ڊکڻ ۾ بس اسٽينڊ وٽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو،جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عبدالغفور سومرو زخمي ٿي پيو،جنهن کي مديجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ڊکڻ پوليس هڪ ڄڻي ربنواز سومرو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي،هوڏانهن ڊکڻ پوليس زخمي عبدالغفور سومرو جي پٽ عبدالشڪور سومرو جي فرياد تي ربنواز سومرو،محمد نواز سومرو،امڪو،شمن سومرو ۽ ٻن اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته سومرا برادري جو پاڻ ۾ سڱاوتي مسئلي تان جهيڙو ٿيو آهي،زخمي کي علاج لاءِ ميڊيڪل ليٽر ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.