گولاڙچي ۾ زال وٺڻ آيل سرگوڌا واسي 6 مهينا قيد

بدين (ڊ ر) پنجاب جي مولوي کي زال واپس گهرڻ مھانگي پئجي وئي ڇھ مھينا قيد بدين جي عدالت کيس اڄ آزاد ڪرڻ جو  حڪم جاري ڪري ڇڏيو  سماجي اڳواڻ وڪيل محمد فياض آرائين تفصيل ڏيندي ٻڌايو  ته پنجاب جي ضلع سرگوڌا رھواسي مولوي نثار احمد پٽ رشيد راجپوت پنھنجي زال کي وٺڻ گولاڙچي ضلع بدين آيو ته سندس سھري  اشرف قريشي زال واپس ڏيڻ کان انڪار ڪندي مٿس شهيد فاضل راهو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪندي گرفتار ڪرائي ڇڏيو جيڪو سنڌ ۾ ڪو والي وارث نه ھجڻ سبب ڇھ مھينا ڊسٽرڪٽ جيل بدين ۾ قيد  رھيو  ۽ پوء سماجي اڳواڻ وڪيل فياض آرائين ڪيس جي پيروي ڪئي ۽ اڄ جوڊيشل ميجسٽريٽ ۽ ڪنزومر پروٽيڪشن  ڪورٽ  بدين جي جج عامر راجپوت ڪيس ختم ڪندي جوابدار کي با عزت بري ڪري جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.