ڊينيئل پرل ڪيس، چيف ۽ گهرو سيڪريٽري طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  ڊينيل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ جَي چيف ۽ گهرو سيڪريٽرين کي 20 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي ، عدالت  سزاکائيندڙن احمد عمرشيخ سميت ٻين جي نظربندي جي خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي . عدالت ۾ ڪيس جِي ٻڌڻي دوران سينٽرل جيل جو سپرنٽينڊنٽ ۽ گهرو معاملن بابت اسپيشل سيڪريٽري پيش ٿيا. عدالت چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري جِي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي آفيسرز جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيون ٿا، ڇا ٻنهي آفيسرن کي پتو ناهي ته اُنهن خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلي رهيو آهي،  فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته آفيسر رستي ۾ آهن. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري دير سان اُٿندو آهي.عدالت پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڊينيئل پرل جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهي آهي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ پراسيڪيوٽرجنرل سنڌ اسلام آباد ۾ مصروف آهي .جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ مهلت ڏني وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.