وزيراعظم جي ترجمان ۽ خاص معاون نديم افضل چن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان جي ترجمان نديم افضل چن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،ذريعن موجب وزير اعظم جو ترجمان ۽ خاص مددگار  نديم افضل چن عهدي تان مستعفيٰ ٿي ويو آهي، نديم افضل چن پنهنجي استعيفيٰ وزير اعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، نديم افضل چن وٽ پارلياماني رابطن بابت خاص مددگار وارو عهدو به هو، ذريعن موجب نديم افضل چن جا حڪومت سان ڪيترن ئي معامل تي اختلاف هئا، هن هزاره برادري وٽ وزيراعظم جي ديرسان وڃڻ تي به تنقيد ڪئي هئي، ياد رهي ته وزير اعظم گزريل ڏينهن چيو هو ته جيڪو به حڪومتي پاليسين کي نٿو مڃي اهو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،نديم افضل چن 18 اپريل 2018ع تي پ پ ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.