هڪ سياستدان برطانيا هڪ ارب ڊالر منتقل ڪيا، مهانگائي اڳوڻين حڪومتن سبب آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پاناما پيپرز کان پوءِ براڊ شيٽ به اسان جي امير حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ کي بي نقاب ڪيو آهي،سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پهرين پاناما پيپرز جي ذريعي اسان جي امير حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ سامهون آئي ۽ هاڻ براڊ شيٽ به اشرافيه جي وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ مني  لانڊرنگ کي بي نقاب ڪيو آهي،سندس چوڻ هو ته عالمي انڪشافن کان پوءِ هي اشرافيه انتقامي ڪارڊ جي پٺيان نٿي لڪي سگهي، عمران خان جو چوڻ هو ته انهن ماڻهن رڳو عوام جي دولت کي ئي ناهي لٽيو پر ٽيڪس ڏيندڙن جي پيسي کي اين آر او جي ذريعي ضايع ڪيو ويو،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اِهي انڪشاف شروعاتي آهن، اسان براڊ سيٽ کان اشرافيه جي مني لانڊرنگ جي مڪمل ۽ اشفاف جاچ چاهيون ٿا ۽ اِهو به چاهيون ٿا ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي هنن کي جاچ کان روڪيو،ٻئي پاسي وزيراعظم چيو ته برطانوي ڪمپني جي عهديدار انٽرويو ۾ واضح ڪري ڇڏيو ته ڪهڙي طرح وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن پئسو چوري ڪري برطانيا منتقل ڪيو، هڪ پاڪستاني سياستدان سعودي عرب مان برطانيا هڪ ارب ڊالر منتقل ڪيا، اين ايڇ اي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪرپشن جون پاڙون ايتريون مضبوط ٿي چڪيون آهن ته ملڪ جي نظام ۾ ڪرپشن کي تسليم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تبديلي نه اچڻ جو وڏو سبب ” اسٽيٽس ڪو “ آهي، جنهن کي توهان مافيا به چئي سگهو ٿا، جيڪي ماڻهو پراڻي نظام مان ناجائز فائدو کڻن ٿا اهي تبديلي اچن نٿا ڏين، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون،وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ، براڊ شيٽ ۽ مهانگائي جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو،اجلاس ۾ حماد اظهر بريفنگ ڏيندي چيو ته کنڊ هنگامي بنيادن تي درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، درآمد کانپوءِ کنڊ جو اگهه لَهي ويندو،وزيراعظم چيو ته کنڊ درآمد ڪرڻ لاءِ تڪڙا انتظام ڪيا وڃن، هن سال وقت سر کنڊ درآمد ڪنداسين، شگرملن کي ناجائز منافعي خوري ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته مهانگائي تي جلد ڪنٽرول ڪنداسين، درآمد، برآمد ۾ فرق سبب مهانگائي وڌيڪ ٿي، ماضي جي حڪومتن جي ناقص پاليسين سبب ڊالر جي مقابلي ۾رپئي جو ملهه گهٽ ٿيڻ تي کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيون، ذريعن موجب اجلاس ۾ فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري براڊ شيٽ تي بريفنگ ڏني،وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس کانپوءِ براڊ شيٽ ٻيو وڏو اسڪينڊل آهي، براڊ شيٽ ڪيس اسان جي موقف جو واضح ثبوت آهي،اجلاس دوران بريفنگ ۾ چيو ويو ته فضل الرحمان سميت ٻين کي اليڪشن ڪميشن اچڻ کان نه روڪيو ويندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته امن امان تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.