فنڪشنل ليگ ملير ۾ پي ٽي آءِ اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پي ايس 88 تي پي ٽي آءِ  جي اميدوار جي حمايت ڪري ڇڏي فنڪشنل ليگ جو اميدوار طارق علي سرڪي پي ٽي آءِ جي اميدوار جان شير جوڻيجو جي حق م ھٿ کڻي ويو،جي ڊي اي جا خدشا ختم ڪرڻ لاء پي ٽي آء ء جي ڊي اي جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ،چيف اليڪشن ڪمشنر پيپلز پارٽي جي ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي، ڪالھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي حليم عادل شيخ،خرم شير زمان جي قيادت م وفد فنڪشنل ليگ ھاوس پھچي فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم ،ايم پي اي نصرت سحر عباسي ،عبدالڪريم شيخ،بئريسٽر ارشد شر ،سلمان فياض سان ملاقات ڪري گڏجاڻي ڪئي ملاقات بعد پي ٽي آء ء فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي،ان موقعي تي فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ت پير صاحب پاڳاري کي پي ٽي آءِ جي قيادت پاران پنھنجي اميدوار کي ھٿ کڻائڻ جي اپيل ڪئي ھئي . سردار عبدالرحيم چيو ت سنڌ جي ٻيٽن جي معاملي تي تحريڪ انصاف پنھنجي مؤقف واضع ڪري ان معاملي تي سنڌ جي عوام م سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.