گهوٽڪي ۾هوٽل بند ڪرڻ جي ڪوشش، مالڪ جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي نيو بس اسٽاپ تي قائم اشرف گل جي هوٽل کي سي ايم او گهوٽڪي نادر شاھه امروٽي بااثرن جي چوڻ تي تالا هڻائڻ جي ڪوشش،  ان حوالي سان هوٽل مالڪ محمد اشرف گل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان گذريل 10 کان مٿي رينٽ تي هوٽل هلايون پيا، جڏهن ته اسان هر مهيني هوٽل جو رينٽ به پابندي سان ادا ڪندا آهيون , پر هاڻ سي ايم او گهوٽڪي بااثرن جي چوڻ تي هراسا پيو ڪري هن ڪجھ هفتا پهرين هٿيار بند ساڻ ڪري اسان جي هوٽل تي چڙهائي ڪري لکين رپين جو سامان کڻي ويو , جڏهن ته اسان اهڙي پٽيشن گهوٽڪي جي عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي , پر هاڻ هن ٻيهر ڪاروائي ڪري اسان جي هوٽل کي تالا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي , هنن چيو ته هوٽل بند ٿيڻ ڪري 10 کان مٿي مزدور پڻ بيروزگار ٿي ويا آهن , جڏهن سي ايم او بااثرن جي ونگار وهندي هوٽل بااثرن کي ڏيڻ چاهي ٿو , جيڪا ناانصافي آهي.  , ان موقعي تي پورهيتن چيف جسٽس , سيشن جج , ڊي سي گهوٽڪي ۽ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر کي اپيل ڪئي ته بااثرن جي ونگارو سي ايم او نادر شاھ امروٽي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.