اوٻاوڙو ۾ڳوٺاڻن جو ڏهرڪي پوليس خلاف احتجاج

اوٻاوڙو (ن ع آ)  اوٻاوڙو ڏھرڪي پوليس جا مسڪين اقليتي برادري مينگواڙن سان ڪلور  رھڙڪي جي رھواسڻ  مائي طوطي، منورلال ديوان  ٻارن سميت ڏھرڪي ايس ايڇ او جي ظلمن کان تنگ اچي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڏھرڪي پوليس جي ڏاڍ ۽  زيادتين خلاف صحافين اڳيان دانھون ڪندي مائي طوطي ۽ ٻين چيو ته اسين اقليتي برادري جي ماڻهن سان ڏھرڪي ايس ايڇ او صدورو لاشاري ظلم ڪري  رهيو آهي اسين مسڪين غريب آهيون ڏهرڪي ايس ايڇ او ڪنهن بااثر جي چرچ تي منھنجي مڙس کي قيد ڪري تشدد ڪري رهيو آهي وري ڪالھ  منهنجو چوڏاهن ورهين جو پٽ اشوڪ ڪمار منهنجي قيد ٿيل  مڙس چندو جي جيڪو بيگناھ ڪوڙي ڪيس ۾ ڏھرڪي ٿاڻي تي گرفتار ٿيل آهي ان کي ماني ڏيڻ ويو ته واپس گهر نه پهتو اسين پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن تي ايس ايڇ او ڏھرڪي  ڳري رشوت گهري نه ڏيڻ تي ڏهرڪي ايس ايڇ او  منھنجي ٻچڙي کي به گم ڪري ڇڏيو آهي.  اسان کي شڪ آهي ته اسان جو معصوم نينگر کي پوليس ڪٿي ماري نه ڇڏي اسان جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪوبه نه آھي ھوڏانھن بيسھارا خاندان  گم ٿيل نينگر اشوڪ ڪمار جي ڀاءُ منور سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ ايس ايڇ او ڏھرڪي صدور لاشاري اهلڪار رياض سيلرو اڪبر ميراڻي منظور ميراڻي شبير گبول غلام حيدر شاھ جيڪب ساوند سميع رڏ ۽ ٻين خلاف اشوڪ ڪمار کي کنڀي گم ڪرڻ تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي انھن وڌيڪ ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو اسان کي يقين آهي ته عدالت اسان سان انصاف ڪندي اسين وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، آر پي او سکر، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان جو بيگناھ کنڀي گم ڪيل نوجوان بازياب ڪرائي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.