مونيڪا واقعي تي سنڌ ۾ سوڳ، زيادتي جي تصديق، 7 شڪي گرفتار

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ هادل شاھ ۾ 2 ڏينهن اڳ اغوا بعد رھزنن پاران زيادتي ڪري قتل ڪيل 8 ساله معصوم نينگري مونيڪا عرف مونا ڌيءَ غلام شبير لاڙڪ  واري جيءُ جھوريندڙ واقعي جو اڃان تائين ڪوبه جوابدار پوليس پاران ظاھر نه ڪيو ويو آھي، جڏهن ته مقتوله نياڻي جي وارث عورتن ۽ ڳوٺ ۾ روڄ راڙو متل آھي، ڪالھ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ لونگ لاڙڪ ۾ پھچي مقتوله نياڻي جي تڏي تي سندس پيءُ غلام شبير ۽ سندس چاچن سان تعزيت ڪرڻ بعد سمورا تفصيل معلوم ڪري واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو، بعد ۾ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مونيڪا سنڌ جي نياڻي آھي ان سان اهڙو ناحق ڪندڙ جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو، جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ بعد ئي خبر پوندي، جيڪڏهن اسان کي ڏھ هزار ڊي اين اي ٽيسٽون ڪرائڻيون پيون ته ڪنداسين ۽ هر صورت ۾ نياڻي جي خون ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، هوڏانهن جوابدارن جي نشاندھي ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي حڪم تي ڳوٺ هادل شاھ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ابراھيم عرف لال بخش شيخ، امام بخش سھتو، اياز علي بڙدي، رفيق احمد لاڙڪ سميت 11 ڄڻن جي پيرجوڳوٺ ۽ خيرپور اسپتال ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ورتي وئي آھي جنهن جو رزلٽ اچڻ بعد ئي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيندي، جڏهن ته پوليس پاران وڌيڪ 7 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ نامعلوم هنڌ رکيو ويو آھي جن جا نالا راز ۾ رکيا ويا آھن، هوڏانهن ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي بي بي سي کي ٻڌايو ته شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ٻارڙي سان ريپ جي تصديق ڪئي وئي آهي، پوليس ٽن اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪي پيرن جا نشان مليا آهن اهي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن جا آهن،جڏهن ته مونيڪا لاڙڪ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي حڪم تي خيرپور ضلعي جي سينيئر ۽ تجريبيڪار پوليس آفيسرن ڊي ايس پي سيد حبدار علي شاھ، سي آءِ اي انچارج خيرپور عبدالحميد پنھور، ايس پي هيڊڪوارٽر نوشيروان چانڊيو، ڊي ايس پي محمد يوسف بروھي تي مشتمل ٽي ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ سان گڏ شاھديون جمع ڪري رھيا آھن ۽ مقتوله نياڻي جي وارثن کان ڄاڻ وٺڻ کان سواءِ گذريل 5 ڏينهن کان ٿيل علائقي واسين جي چرپر بابت تفصيل گڏ ڪري رھيا آھن، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته هن ملڪ ۾ معصوم ٻار به وحشانيت کان محفوظ نه آهن، جيڪا نهايت افسوسناڪ ۽ المناڪ ڳالهه آهي. پير ڳوٺ لڳ معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي قتل جي واقعي تي دل رت جا ڳوڙھا ڳاڙي رهي آهي. واقعي جي جوابدارن کي ڳولي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي هوڏانهن پ پ پير سيد حسين شاه جيلاني مومنا لاڙڪ جي والد غلام شبير لاڙڪ سان تعزيت ڪئي ۽ گھري ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ان موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ پير سيد حسين شاه جيلاني ڳالھائيندي چيو ته پير جو ڳوٺ ھادل شاھ ۾ پيش آيل واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي ان موقعي تي فقير علي گل اڄڻ ،بهلول خان اڄڻ، سيد ديدار شاھ مير محمد اڄڻ عرفان مري ،محمد طالب اڄڻ پڻ موجود هئا، هوڏانهن پ پ اڳواڻ سردار غلام حيدرڦلپوٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊيزونگ ضلعي خيرپور جي صدر ايڊووڪيٽ زينب بلوچ پيرجوڳوٺ ۾ بيدردي سان زيادي کان بعد قتل ٿي ويل معصوم نينگري مونيڪا لاڙڪ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا

جسقم پاران خيرپور پوليس کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ رھزنن پاران بيدردي سان قتل ٿيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي وارثن وٽ ڳوٺ لونگ لاڙڪ ۾  جسقم جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين امجد علي مھيسر، ايوب لاشاري، آصف بلوچ، فرحان مھيسر ۽ ٻين جسقم ڪارڪنن ۽ ورڪرن تڏي تي پھچي غلام شبير لاڙڪ ۽ ٻين سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جسقم پاران خيرپور پوليس کي نياڻي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آھي جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته جسقم پاران ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رھندو.

ڌيءُ حويلي مان واپسي تي ماني به آڻيندي هئي: والد

پيرجوڳوٺ(م ڊ) پيرجوڳوٺ ۾ قتل ٿيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي صدمي ۾ ورتل پيءُ بي بي سي کي ٻڌايو ته هن جي ڌيءُ گهر کان لڳ ڀڳ  هڪ ڪلوميٽر پري هڪ حويلي ۾ ڪم ڪندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن اتي ترسي پوندي هئي، جڏهن ٻه ڏينهن گذري ويا ته هو واپس نه آئي مون گهروارن کان معلوم ڪيو ته نينگري ڪٿي آهي؟ ٻارن ٻڌايو ته هو ناهي آئي، جنهن بعد حويلي ويس تي انهن ٻڌايو ته هو ته هتي آئي ئي نه هئي، هن چيو ته گذريل ڏينهن ڳولا ڪئي ته ڌيءَ جو تشدد ٿيل اڌ اگهاڙو لاش مليو، هن چيو ته ڌيءُ حويلي مان گهر واپسي تي حويلي مان کاڌو به آڻيندي هئي، واقعي واري هنڌ اتي کاڌي جا ٿانو، هڪ جوتو ۽ رئو به مليو،

مونيڪا واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندا) ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو نوجوان سٿ پاران پير ڳوٺ واقعي ۾ 8 سالا معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي دردناڪ واقعي تي نوجوان سٿ جي اڳواڻن امجد شاھ ، آڪاش خاصخيلي ، سلمان ملاح باغي نبيل سومرو ، پير غلام الله شاھ ، اڪبر ملاح  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو ، اڳواڻن احتجاجي مظاهري کي مخاطب ٿيندي چيو ته پير جو ڳوٺ واقعو هڪ دردناڪ انسانيت سوز ڏکوئيندڙ واقعو آهي جنهن ۾ معصوم نياڻي سان جيڪا ناانصافي ٿي آهي ، انهي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي قاتلن کي سرعام ڦاهي چاڙهيو وڃي ، ٻي صورت ۾اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين، ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران معصوم 7 سالن جي نياڻي مونيڪا سان ٿيل زيادتي ۽ سندس قتل خلاف ٺري ميرواهه ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان صوفي حاجن گل، علي جان لغاري، ناياب نعيم، وقار شر ۽ غفار بلوچ ڪئي. مظاھري ۾ ڳالهائيندي صوفي حاجن گل چيو ته معصوم نينگري جي قاتلن کي جلد هٿيڪو ڪري ڦاسي تي لٽڪايو وڃي،هوڏانهن دادو ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

مونيڪا لاڙڪ واقعي تي پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ پوليس به ڪرپٽ ۽ سياسي بڻجي وئي آهي، مونيڪا لاڙڪ جي واقعي ۾ هيل تائين پوليس ڪابه اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي، حڪومت به غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، هن چيو  ته جمهوريت جي دعويدار پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ ڌڙا ڌڙ ڪرپشن ڪري رهي آهي، اين آءِ وي سي وي ڊي، ڪتن جي ڏاڙهڻ جي وئڪسين، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي، برسات متاثر دربدر ٿيندا رهيا پر سنڌ سرڪار جا 4 ارب رُپيا ڪرپشن جي نذر ٿي ويا.

ٽوئيٽر تي ٽرينڊ، هي ڪهڙو معاشرو آهي؟ صارف

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ پير جو ڳوٺ واقعي تي ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلي رهيو آهي، صارف ان واقعي تي ڏک جي اظهار سان گڏ ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪندڙ ڏوهارين کي سرعام ۽ سخت کان سخت سزائون ڏيڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن، صارف ڪومل شاهد لکيو ته ستن سالن جي ٻارڙي گهريلو ملازمه طور ڪم ڪندي هئي، کيس اغوا ڪيو ويو، ريپ ڪري قتل ڪيو ويو، هڪ ٻيو ڏينهن ۽ هڪ ٻيو نئون هيش ٽيگ، هن ملڪ ۾ ان ٻارڙي کي انصاف ڪير ڏيندو، ڪجهه ڪلاڪن تائين اهو هيش ٽيگ هلندو پوءِ سڀ وساري ويهندا، شيخ عبدالرشيد لکيو ته رياست ڪڏهن ماءُ وارو ڪردار ادا ڪندي، قانون تي عمل ئي نٿو ٿئي، عائشه رضا لکيو ته هڪ ٻيو ڏينهن هڪ ٻي زينب جو ريپ، هي ڪهڙو معاشرو آهي جتي اسان رهي رهيا آهيون.

ويرجي ڪولهي واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر ) انساني حقن بابت وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي پير جو ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙي کي جنسي زيادتي کانپوءِ قتل ڪرڻ جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته پير جو ڳوٺ ۾ ستن سالن جي معصوم ٻارڙي مومنه لاڙڪ مونيڪا کي اغوا ڪري جنسي زيادتي کانپوءِ قتل انسانيت سوز واقعو آهي. واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، خاص معاون ان واقعي جو نوٽس وٺندي پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي آهي هن چيو ته والدين کي انصاف ڏياريو ويندو ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ سموري قانوني مدد به فراهم ڪئي ويندي. ويرجي ڪولهي پوليس جي اعليٰ اختيارن کان ان معاملي جي سموري تفصيل حاصل ڪئي ۽ پوليس کي چيو آهي ته زيادتي واقعي جي ڪيس ۾ انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي هجي

مونيڪا جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: ميڊم شائسته بلوچ

احمدپور (ن ع آ ) ڏاڍائي جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي قتل ڪيل 7 سالن جي معصوم  نينگري مونيڪا لاڙڪ جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي ان ڏس ۾ علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرمين ميڊم شائسته بلوچ خادم ميراڻي غلام مرتضا عرف جاني لاڙڪ ۽ ٻين نينگري جي پيءُ غلام شبير لاڙڪ ۽ ٻين وارثن سان تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي ۽  ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي کان مطالبو ڪيو ته مقتول نياڻي جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سريعام ڦاسي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

سياسي سماجي اڳواڻ مونيڪا جي تڏي تي پهتا

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ وحشي صفت جوابدارن پاران زيادتي بعد قتل ڪيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي تڏي تي سياسي سماجي اڳواڻن وڏيرو محمد ڇٽل ڀنڊ، غلام حيدر ڦلپوٽو، ميڊم شھناز شيخ، علي شير مڪول، سيد حسين شاھ، سيد روشن شاھ، ايڊوڪيٽ شمس الدين لاڙڪ، سيد اڪرام شاھ، مامو محمد ابراھيم مڱريو، محمد عالم سولنگي، رياض علي خاصخيلي، عبدالحميد عباسي، علي گل اڄڻ، اميد علي راجپوت، لالا منگي، سردار نديم حيدر چنه، ياسين مھر، عمران قاضي ۽ ٻين تڏي تي پھچي مقتوله نياڻي مونيڪا جي وارثن سان تعزيت ڪئي آھي.

مونيڪا واقعي تي گورنر، آءِ جي سان ڳالهائيندس: راشد شاهه راشدي

پيرجوڳوٺ(ن ع آ)  پيرپاڳاري جي فرزند ايم پي اي سيد محمد راشد شاھ راشدي مونيڪا لاڙڪ واري واقعي بابت رابطو ڪرڻ تي  ٻڌايو آھي ته واقعو دردناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آھي، نياڻي مونيڪا لاڙڪ ڪنهن جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي ان کي ظاھر ڇونه ٿو ڪيو وڃي، نياڻي مونيڪا واري افسوسناڪ واقعي کي سنڌ اسيمبلي ۾ کنيو ويندو، مونکي انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ڳوٺ هادل شاھ هڪ ننڍڙو علائقو آھي جنهن ۾ هي وڏو واقعو پيش آيو آھي، جيڪڏهن آچر تائين نياڻي جا جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته گورنر سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ذميوارن سان ڳالھايو ويندو، مان آچر ڏينهن نياڻي جي تڏي تي ضرور ويندس. اڳ به ضلعي جي انتظامي عملدارن کي فون ڪيو هو جن منهنجي فون اٽينڊ نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.