چوڌري اسلم رياستي ادارن هٿان پڪڙي ڏنل ماڻهو ماريندو هو: تجزئي نگار

ڪراچي(م ڊ) 9 جنوري 2014ع تي هڪ مبينه خودڪش حملي ۾ ڊرائيور ۽ محافظ سميت مارجي ويل چوڌري اسلم نه ته خاندان يا ذات  جي لحاظ کان چوڌري هو نه چوڌري جو خطاب هن جي نالي جو حصو هو، بي بي سي موجب خبر ناهي ڪڏهن ۽ ڪيئن هن جي نالي سان چوڌري جو لقب جڙي ويو، پوليس ۾ ٽيهن سالن تائين مشتمل نوڪري دوران هو هميشه تڪرارن ۽ زبردست لاهن چاڙهن جو شڪار به رهيو، چوڌري اسلم کي شهرت تڏهن ملي جڏهن 1992ع ۾ بدترين تشدد جو شڪار ڪراچي ۾ گلبهار ٿاڻي جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو، ان دوران انتهائي مشڪوڪ ۽ تڪراري پوليس مقابلا شروع ٿيا، آفتاب صديقي ٻڌايو ته ڪراچي آپريشن دوران سوين پوليس مقابلن ۾ سئو کان وڌيڪ انتهائي گهربل جوابدارن کي مارڻ يا گرفتار ڪري جيل يا قبرستان تائين پهچائيندڙ ايس ايڇ او گلبهار چوڌري اسلم جلد ئي ” انڪائونٽر اسپيشلسٽ“ سمجهيو وڃڻ لڳو، ظاهري طور رياستي ادارن ۽ سرڪاري عملدارن جي ويجهو هو هيرو هو تڪراري پوليس مقابلن ۾ مارجي ويلن جي متاثرن ۽ وارثن جي راءِ ۾ هو واضح طور تي ” ولن“ قرار ڏنو ويو،ايستائين جو خود ڪراچي پوليس ۾ به اهڙا آفيسر هئا جيڪي اڄ به چوڌري اسلم کي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ناهن، هڪ اعليٰ ترين پوليس ۽ حساس ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي رهندڙ هڪ آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط  تي ٻڌايو ته چوڌري اسلم ” ڪرائي جو قاتل “ هو، هن کيس ٻين لقبن سان به نوازيو، هن چيو ته مون چوڌري اسلم کي ويجهي کان ڏٺو آهي، مون کي ته هو ڪڏهن به گهڻو شاطر، شاندار، عقلمند ۽ دانشور پوليس آفيسر نه لڳو نه ئي ڪڏهن ماهر جاچ ڪندڙ ياانتظامي معاملن تي گرفت رکندڙ قابل آفيسر، هو ته هميشه رياستي ادارن جي چرچ تي ڪم ڪندو رهيو، اسلم يا رائو انوار جهڙا ماڻهوته اهي آهن جن کي ” ڪنهن اداري“ جوابدار پڪڙي ڏنا ۽ انهن ماري ڇڏيا، چوڌري اسلم تي تنقيد ڪندڙ پوليس آفيسر ٻڌايو ته پاڪستان هڪ اهڙو معاشرو بڻجي ويو آهي جتي ڊگهي عرصي کان ڪرمنل جسٽس نظام ظاهري طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، عدالتون، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ، ڳجها ادارا، سياسي نظام، مقننه، انتظاميا، عدليه ڪو به ادارو پنهنجو ڪم صحيح نه پيو ڪري، هن چيو ته جڏهن جج جو قلم فيصلو نه ڪري رهيو هجي ته پوءِ چوڌري اسلم جهڙن پوليس آفيسرن جو هٿيار فيصلو ڪندڙ قوت حاصل ڪندو آهي، لياري جي اڳوڻي ايس پي فياض خان چيو ته ڪم جو هو تمام جنوني هو، پوليس تي حملو ڪندڙن لاءِ اسلم وٽ رحم جو ڪو به نشان نه هو، هڪ تجزئي نگار چيو ته چوڌري اسلم سرعام چوندو هو ته مون 120 نوجوان ماريا آهن، پوءِ جڏهن اها ئي ايم ڪيو ايم مشرف حڪومت ۾ رياست سان پارٽنر بڻجي وئي ته اهو ئي چوڌري اسلم انهيءَ ايم ڪيو ايم جي اک جو تارو بڻجي ويو،رياست جي پاليسي تبديل ٿي ته چوڌري اسلم جي بندوق جو رخ لياري جي بدنام زمانه گينگسٽر رحمان ڊڪيت يا پوءِ شعيب خان جهڙن ڏوهن جي بي تاج بادشاهن ڏانهن مڙي ويو، چوڌري اسلم 2006ع ۾ گڏاپ جي حدن ۾ هڪ مقابلي ۾ معشوق بروهي نالي گهربل جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، پر جلد ئي مارجي ويل شخص جي وارثن دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل معشوق بروهي نه پر رسول بخش هو، هو سڪرنڊ واسي هاري هو جنهن کي سڪرنڊ مان گرفتار ڪري ڪراچي آندو ويو، ڪيترائي ڏينهن حراست کانپوءِ تڪراري پوليس مقابلي ۾ کيس قتل ڪيو ويو، بعد ۾ چاچ ٿي ته پوليس رپورٽ ۾ تسليم ڪيو ته مارجي ويل معشوق بروهي نه هو، ان ڪيس ۾ چوڌري اسلم جيل موڪليو ويو، پر آخرڪار سمورن آفيسرن کي سپريم ڪورٽ عدالتي ڪارروائي کانپوءِ بيگناهه قرار ڏئي باعزت بري ڪري ڇڏيو ۽ چوڌري اسلم کي به عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.