بجلي بريڪ ڊائون: شروعاتي رپورٽ جي ابتڙ سينيئر انجنيئر معطل، ٻئي کي شوڪاز

گڊو (رپورٽ: جاويد کوسو)  ملڪ ۾ 3 ڏينهن اڳ ٿيل بجلي بريڪ ڊائون کان پوءِ معطلين جو سلسلو جاري آهي، چيف ايگزيڪيوٽو  سينيئر انجنيئر سيد فائق شاھ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽  جونيئر انجنيئر کي شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي.هوڏانهن  جاچ ڪاميٽي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي شروعاتي رپورٽ جي ابتڙ سُوئچ يارڊ جي انجنيئر کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، واپڊا ذريعن موجب فريڪوئنسي زيرو ٿيڻ جو سبب گڊو بجلي نٿو ٿي سگهي، فريڪوئنسي تربيلا بجلي گهر ٺاهيندو آهي، اختيارين جاچ جو دائرو گڊو ٿرمل پاورهائوس تائين محدود ڪيو آهي،نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر، تربيلا ۽ اين ٽي ڊي سي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ سان سبب معلوم ٿيندو. جيڪڏهن شفاف جاچ ڪرائجي ته نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر (اين پي سي سي) اسلام آباد ۽ بجلي جي ورهاست واري ڪمپني اين ٽي ڊي سي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

خورشيد شاهه کي اسپتال ۾ رکڻ خلاف درخواست تي نوٽيس جاري

سکر(رپورٽر) نيب هٿان گرفتار پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه کي مسلسل طور تي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر  ۾ رکڻ خلاف وڪيل محمد علي شاهه پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس فهيم صديقي جي عدالت ۾ ٿي، درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته نيب هٿان گرفتار پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه بيماري جو ڪوڙو بهانو بڻائي گذريل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان اين آءِ سي وي ڊي دل جي اسپتال سکر ۾ داخل آهي کيس اسپتال مان جيل منتقل ڪيو وڃي ۽ مستقل سال کان وڌيڪ عرصو اسپتال رهڻ بابت جاچ ڪرائي وڃي، عدالت سنڌ حڪومت ۽ جيل کاتي، ڊي جي نيب ۽ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 9 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

شهلا رضا حيدرآباد مان 4 ڀينرن جي اغوا جو نوٽيس ورتو

ڪراچي (رپورٽر )  عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا حيدرآباد مان 4 ڀينرن جي مبينا اغوا جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ آءِ جي سنڌ کي ٽيليفون ڪيو ۽ فوري بازيابي جي هدايت ڪئي اهڙي ڏس ۾ حيدرآباد پوليس ترت ڪارروئي ڪندي حسنه رند سميت چار ڀينر صائمہ، ثمر ۽ عشرت کي بازياب ڪرائي ورتو.

غوثپور ۾ ٻن نوجوانن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

غوثپور ( رپورٽ : عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپور ۾چار ڏينهن اڳ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان  جهيڙي دوران قتل ٿي ويل 2 نوجوانن  جميل احمد ۽ بابن چولياڻي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ  خلاف  احتجاج ڪيو ويو.مقتولن جي وارثن الاهي بخش، مير حسن، زين الدين چولياڻي جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور ايس ايڇ او حسين علي شاهاڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. وارثن چيو  ته جوابدار  عبدالرزاق چولياڻي بااثر آهي،ڪرمپور پوليس ڳري رشوت عيوض هن وقت تائين مقتولن جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ايس ايڇ او ڪرمپور کي هٽائي انصاف ڪيو وڃي

ڪراچي ۾ سافٽ ويئر هائوس تي ايف آءِ اي جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سافٽ ويئر هائوس تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري رڪارڊ تحويل ۾ وٺي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو،  ايف آءِ اي ذريعن موجب شاهراهه فيصل تي بزنس ايونيو بلڊنگ سافٽ ويئر هائوس تي ڪارروائي ڪئي وئي، ڇاپي دوران هڪ شخص کي گرفتار ڪري سمورو رڪارڊ ۽ ڊيٽا تحويل ۾ ورتي  آهي،ذريعن ٻڌايو ته ايف آءِ اي اهلڪار هڪ هڪ ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا کي چيڪ ڪيو ۽ ان کي پاڻ وٽ محفوظ بڻايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.