جو بائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ آصف زرداري ۽ بلاول کي شرڪت جي دعوت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شهلا رضا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جو بائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شهلا رضا ٻڌايو ته جو بائيڊن جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري کي دعوت ڏني وئي آهي.

هن چيو ته آصف زرداري طبعيت خراب هجڻ سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو پر بلاول ڀٽو زرداري جا تقريب ۾ شرڪت جا واضح امڪان آهن.

واضح رهي ته نئون چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي عهدي جو حلف 20 جنوري تي کڻندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.