غوثپور ڀرسان 2 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، ڌرڻو

غوثپور ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ۾ 3 ڏينهن اڳ چولياڻي برادري جي ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪر ي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سندن چوڻ هو  ته پوليس اهلڪار عبدالرزاق چولياڻي جي ڌر انهن جي زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي،  انهن جي ٻن ڄڻن کي  به قتل ڪيو ويو جڏهن ته  پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ناڪام ٿي وئي آهي ، هنن الزام هنيو ته ايس ايڇ او جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.