حيدرآباد پوليس جو نوجوان تي تشدد، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) لطيف آباد نمبر 10 جي رهواسي محمد هاشم پوليس خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته علائقي جي پوليس تر تپائي ڇڏيو آهي، سموري علائقي وارن کي حراسا ۽ بليڪ ميل ڪري اهلڪار رشوت اوڳاڙڻ ۾ پورا آهن، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ هو سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ سندن هڪ نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. هن ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.