رونتي پوليس جو ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

رونتي / اوٻاوڙو(نمائندن وٽان) رونتي پوليس جو گشت دوران بچائو بند تي هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي گهوٽڪي  ضلعي سميت مختلف ضلعن ۾ ڪيسن ۾ گهربل جوابدار نظام الدين جاگيراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي، ڏوهاري وٽان اسلحو پڻ برآمد ٿيو آهي، ان حوالي سان رونتي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان معمول موجب گشت ڪري رهيا هئاسين ته بچا بند وٽ ڏوھه جي ارادي سان بيٺل هيا جنهن پوليس موبائيل ڏسي فائرنگ ڪري ڏني جنهن بعد جوابي فائرنگ ۾ هڪ هٿياربند زخمي ٿي پيو، جنهن کي رونتي پوليس گرفتار ڪري ورتو ۽ جنهن وٽان اسلحو پڻ برآمد ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.