لکي لڳ ڳوٺاڻن جي لڏائڻ جي ڪوشش، احتجاج

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر)ڊريها ڀرسان بلڊر پاران قديمي ڳوٺ ڊاھڻ خلاف ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت  احتجاجي مظاهرو اعلىٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو (تفصيل موجب)ڊريها لڳ ڳوٺ مولا بخش جوڳي ۾ ڳوٺاڻن مردن ,عورتن ۽ ٻارڙن وزير جوڳي, واحدبخش جوڳي, سونهارو,شاهن ,جان محمد, مسمات حوا, سسئي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان هتي سوُ سالن کان رهون پيا پر بااثر بلڊر اعجاز بلوچ ۽ ياسين مهر اسانکي هتان زبردستي لڏائڻ چاهين ٿا ۽ ڪچي واسي قائم الدين عرف عجيب مهر سميت ٻيا هٿياربند گهرائي اسان جي گهرن ٻاهران بيهاري گهرن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اسانجي گهرن ٻاهران لڳل لوڙھا پٽي رهيا آھن ۽ نه لڏڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن ۽ اسان کي ڪوڙا کاتا ڏيکاري ڊي ايس پي سائيٽ ايريا عبدالستار ڦل جي معرفت پريشان ڪري رهيا آھن.  ,احتجاج ڪندڙن جو اهو به چوڻ ھو ته اسان جو هي ڳوٺ سوُ سال پراڻو آھي هنن آء جي سنڌ ,ايس ايس پي سکر ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته بلڊر اعجاز بلوچ ۽ سيٺ ياسين مهر خلاف ڪاروائي ڪري اسانکي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ مين نيشنل هاء وي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.