مبارڪپور ۾ قتل ڪيل ڀٽن جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاجي ريلي

مبارڪپور ( ن ع آ)مبارڪپور ۾ ڀٽو ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳواڻن عبدالواحد ڀٽو ،محمد يوسف ڀٽو ۽ سماجهي اڳواڻ جميل احمد  ڀٽو جي اڳواڻي ۾ گل ماڊل پيٽرول پمپ کان  ريلي ڪڍي نعرا هڻندا مسجد بلال وٽ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته خير پور ضلعر ۾ ڳوٺ ڀٽا الرا ۾ مسجد کان نماز پڙهي موٽندڙ تي ڀٽا ، اوڍا ۽ ناريجا تڪرار تان  ،ڳوٺ مٿان 30 کان مٿي هٿيار بندن فائرنگ ڪري بيگهناهہ معصومن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن پر پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو به ناهي ڪيو احتجاج ڪندڙ وڌيڪ مطالبو ڪندي چيو ته اسين سي ايم سنڌ، آءِ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خير پور کان مطالبو ٿا ڪيون ته خيرپور ضلعي ۾ قتل ٿيلن جا قاتل جلد از جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ اسين احتجاجن جو سلسلو جاري رکنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.