اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين سنڌ کي تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو؛ اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) شڪارپور ۽ سکر جي نامور وڪيل، ڳڙھي ياسين جي زميندار اديب ۽ سينيئر قومي اڳواڻ محترم آغا وقار دراني  حيدرآباد  پھچي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان  سندس رھائش گاھ بي 48 پرنس ٽائون قاسم آباد تي ملاقات ڪري سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھه ڪرڻ بعد پنھنجن ساٿين سميت قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، اياز لطيف پليجي آغا وقار دراني کي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري لاڙڪاڻو ڊويزن مقرر ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته بار بار اقتدار ۾ ايندڙ پارٽين سنڌ کي تباھي کانسواءِ ڪجھه به ناھي ڏنو اٽي لٽي اجھي ۽ جمھوريت جي ڪوڙن نعرن ذريعي عوام سان دوکو ڪيو ويو آھي. ، سنڌ جا ماڻھو بلدياتي اليڪشن جي تياري ڪن ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ٽڪيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺي پنھنجن يونين ڪائونسلن شھرن، ڳوٺن ۾ حقيقي تبديلي لاءِ ڪردار ادا ڪن، اياز لطيف پليجي چيو ته صحيح عوامي سياست سان سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگھجي ٿو،آغا وقار دراني چيو ته مون کي پارٽي جي اھم ذميواري ڏيڻ تي اياز لطيف پليجو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، سڄي سنڌ خاص طور اتر سنڌ جي شھرين ۽ ڳوٺاڻن ۾ نئون جوش جذبو ۽ اتساھ پيدا ڪري ڇڏيو آھي اياز لطيف پليجو سنڌ جو سگھارو آواز آھي سنڌ جي سمورن باشعور ماڻھن کي قومي حقن جي حاصلات تحفظ  ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ فورن مڊل ڪلاس، پورھيتن ۽ نوجوانن جي مقبول ترين پارٽي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ گھرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.