نوجوانن کان سوال

ماروي ملاح

 

پاڪستان دنيا جو ۵ نمبر تي نوجوانن جي اڪثريت رکندڙ ملڪ آهي. ڪل آباديءَ ۾ 64 سيڪڙو نوجوان آهن، جن جي عمر 15 کان 23 سال آهي. اسان جا نوجوان آبادي ۾ به گھڻا آهن ۽ سماجي سرگرمين ۾ به نمائندگي ڪندا رهن ٿا،  اسان جي نوجوانن ملڪ جو نالو دنيا جي مختلف ميدانن تي مڃرايو آهي. نوجوانن پنهنجي قابليت ۽ پاڻ وٽ موجود وسيلن کي استعمال ڪري پنهنجو مقدر پاڻ سنواريو آهي.

 

مثال محمد شاهير نيازي 17 ورهين جو نوجوان پاڪستاني سائنسدان جنهن پهريون ڀيرو Honey comb تي تحقيق ڪئي ۽ سائنس جي جرنل ۾ شايع ڪئي. ان کانسواءِ پاڪستاني وجوئل آرٽسٽ لاريب عطا هالي ووڊ جي مشهور فلمن ايڪس مين، گاڊزيلا ۽ پرنس آف پرزيا ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. ماضيءَ ۾ به نوجوانن ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي ۽ موجوده دور ۾ به ڪوششون ڪري رهيا آهن، پوءِ به ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي قابليت هوندي به پٺتي رهجي ويا آهن، ان جو ڪارڻ اسان جي حڪومت آهي، جيڪا نوجوانن کي نظر انداز ڪندي پئي اچي، نتيجي ۾ اهي نوجوان جيڪي ان مدد جي آسري آهن، پوئتي رهجي وڃن ٿا، تازو دنيا ۾ ڦهليل ڪورونا وائرس جي هن وبا ۾ پاڪستان جي نوجوانن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ اهو به هڪ اهم سوال آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جا نوجوان جيڪڏهن واقعي سجاڳ آهن ته کين ان وبا واري صورتحال ۾ به عملي طور تي ميدان ۾ اچي ڪردار ادا ڪرڻ کپي.جيئن اسان اين جي اوز کي ڏسون ته پاڪستاني نوجوانن انهن اين جي اوز جي مدد سان رضاڪاراڻي طور تي ڪافي سرگرمين ۾ حصو ورتو آهي، هنن آگاهي مهم هلائي، ماسڪ ورهايا، گهر گهر راشن پهچايو ۽ ماڻهن کي احتياطي اپاءَ ٻڌايا، جڏهن ته خاص طور نوجوانن ٽيڪنالاجي کي چڱي طرح استعمال ڪندي پنهنجي ننڍن ڪاروبارن کي آن لائن مشهور ڪيو ۽ ٽيڪنالوجي جي صلاحيت ۾ بهتري آندي. ٻئي پاسي جيڪڏهن اسان منفي حصو ڏسون ته اسان جي نوجوانن پنهنجي بنيادي حقن لاءِ ڪا به جدوجهد نه ڪئي آهي، هتي بنيادي حقن مان مراد اسان جي تعليم آهي جيڪا هن وقت ڪورونا وائرس جي ڪري ڪافي متاثر ٿي آهي. هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آهي جو اسان مادر علمين، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا منهن ئي نه ڏٺا آهن، پنهنجي مستقبل کي آن لائن ڪلاسز جي سهاري ڇڏي ڏنو آهي. هن وبا کي ايترو وقت گذرڻ باوجود اسان نوجوان تعليمي ادارن کي واپس کولڻ تي ڪو ڪم نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪو منظم طريقي سان آواز اٿاريو آهي. سوشل ميڊيا تي ناڪارا شين کي وائرل ڪرڻ ۾ پاڪستاني نوجوان خاص ڪري گهڻو مشهور آهن پر تعليمي معاملي ۾ اسان پنهنجي ننڊ مڪمل پيا ڪيون، جڏهن ته ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته اسان پنهنجي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني يا تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود تائين پنهنجي اها ڳالهه ڪنهن طريقي سان پهچايون ته تعليمي ادارن کي پنهنجي معمول تي واپس آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان جو گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. حڪومت کي ڪرڻ اهو گهرجي ته پهريون مسئلا تجويزن ڌيان هيٺ آڻي پوءِ ان مطابق ڪو به اهم فيصلو ڪري. اسان وٽ اهو ڪم نه ٿيڻ سان ٻين شعبن کان وڌيڪ تعليم واري شعبي کي نقصان رسيو آهي، باقي ڪاروبارن کي جن ۾ شاپنگ سينٽرز، ريسٽورينٽس، آفيسون ۽ مالز وغيره شامل آهن انهن سڀني کي کوليو ويو آهي، اهڙي طرح تعليم واري حصي کي به کولڻ گهرجي.

ان حوالي سان نوجوانن پاران ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته اسان نوجوان ڪيترا به سرگرم هجون، اسان پنهنجي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايتري دلچسپي نٿا رکون، جيڪا تمام افسوسناڪ ڳالهه آهي، ڇا اسان کي هن طريقي سان به پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي هئي؟ ڇا اسان کي اڃا به ڪو قدم نه کڻڻ گهرجي؟ ڇا اسان جو وزير اعظم جنهن جي هر تقرير جو موضوع نوجوان هوندا آهن ڪجهه به نه ڪندو؟ ڇا اسان کي اڃا طويل عرصي لاءِ آن لائن ڪلاسز جي سهاري رهڻو پوندو؟ هڪ نوجوان هجڻ جي حيثيت سان مان هي سوال ڪريان ٿي ۽ ٻين ساٿي نوجوانن کان به انهن جا جواب گهران ٿي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.