بريڪ ڊائون جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود سبب معلوم نه ٿيو

گڊو (رپورٽ: جاويد کوسو) گڊو ٿرمل پاورهائوس جا بند پيل يونٽ هلايا ويا آهن. ٻه ڏينهن اڳ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون  بعد سي پي جي سي ايل جينڪو 2 گڊو ٿرمل پاورهائوس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حماد عامر هاشمي وفاقي حڪومت کي ابتدائي رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو هو ته گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ فني خرابي ٿي جنهن ڪري فالٽ نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿيو. تفصيلي جاچ لاءِ قائم ڪيل 4 رڪني ڪاميٽي به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو. 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪاميٽي جا ميمبر به گڊو ٿرمل پاور هائوس ڪونه پهتا. گڊو ٿرمل پاورهائوس جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ ڪوبه واقعو پيش ڪونه آيو آهي. پرائيويٽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بلاجواز گڊو ٿرمل پاورهائوس مٿان الزام لڳائيندي 7 آفيسر ۽ ملازم معطل ڪري ڇڏيا آهن. فالٽ ڄاڻايل يونٽ نمبر 5 جو مرمتي ڪم اڳ ئي هلندڙ هيو. جيڪو ڪم پنهنجي مقرر وقت تي پورو ٿيڻ بعد يونٽ نمبر 5 کي هلايو ويو آهي. جيڪڏهن گڊو ٿرمل پاورهائوس جي يونٽ نمبر 5 ۾ ڌماڪو ٿئي ها ته اتي ڪو نقصان ضرور ٿئي ها. پر يونٽ نمبر 5 ۾ ڪوبه نقصان ڪو نه ٿيو آهي. گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 16 يونٽن مان 8 يونٽ هلندڙ آهن جيڪي هن وقت به هلي رهيا آهن. جڏهن ته يونٽ نمبر 1، 2، 3 ۽ 4 نمبر يونٽ مڪمل طور تي ناڪاره بڻجي ويا آهن ۽ انهن 4 يونٽن جو لائيسنس پڻ ختم ٿيل آهي. يونٽ نمبر 6 کي ڪجھ عرصو اڳ باھ لڳي هئي جنهن ڪري يونٽ نمبر 6 پڻ بند آهي. يونٽ نمبر 11۽ 12 جو مرمتي ڪم هلندڙ آهي ۽ يونٽ نمبر 13 به مڪمل طور تي ناڪاره بڻجي ويو آهي. مجموعي طور گڊو ٿرمل پاورهائوس جي 16 يونٽن مان 8 يونٽ هلندڙ آهن ۽ 8 يونٽ بند پيل آهن. ٻئي طرف سي پي جي سي ايل جينڪو 2 گڊو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر حماد عامر هاشمي سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته گڊو ٿرمل پاورهائوس جا هلندڙ يونٽ ٻيهر بحال ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.