گمس ڊائريڪٽر کي ڌمڪيون، ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو، نوجوان گرفتار

گمبٽ ( ن ع آ ) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ گمس ڊائريڪٽر  ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سان ڪجھه ماڻھن پاران ڪيل بداخلاقيءَ جو ڊي آءِ جي سکر نوٽيس ورتو، جنهن تي پوليس گمبٽ مان هڪ نوجوان علي گوهر چانڊيو عرف فقير گوهر کي حراست ۾ ورتو آهي، فقير گوهر جي گرفتاريءَ خلاف سندس وارثن ۽ شهر جي ڪجهه نوجوانن پريس ڪلب گمبٽ اڳيان گمس ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين سيد آصف علي شاهه، سيد شاهه رخ شاهه، سيد غلام غوث شاهه جيلاني ۽ ٻين چيو ته فقير گوهر گمس اسپتال ۾ غريب ۽ بي پهچ مريضن جي سار سنڀال لهندو آهي ۽ غريبن جون ٽيسٽن سميت دوائون مفت ۾ ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو آهي، جنهن تي گمس ڊائريڪٽر مٿس ڏمرجي پيو ۽ کيس بيگناهه گرفتار ڪرايو آهي هنن چيو ته فقير گوهر کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ گمس ڊائريڪٽر خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي گمس سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ ٻڌايو ته کيس ڪجهه ماڻهن پاران مختلف وقتن تي ٿريڊ ملي رهيا آهن جڏهن ته ڪجھ شرپسند عناصرن پاران گذريل ڪجهه ڏينهن کان اسپتال اندر پھچي مون سان انتهائي بداخلاقي ۽ گٿا لفظ ڳالهائي اداري سميت مون کي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري سڪيورٽي لاءِ ڊي آءِ جي سکر سميت ٻين اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي، جڏهن ته نوجوان جي گرفتاري بابت مون کي ڪا خبر  ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.