ھالاڻي (ن ع آ)ھالاڻي نيشنل ھاءِ وي تي ڪالوني اسٽاپ وٽ اڻ ڄاتل ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ عمر ميمڻ جي ميمڻ برادري جا آصف ميمڻ رياض ۽ عبدالمجيد عرف عظيم ميمڻ شديد زخمي ٿي پيا، جن کي ھالاڻي اسپتال پھچايو ويو، عظيم ميمڻ کي شديد زخمي ھئڻ ڪري گمبٽ ريفر ڪيو ويو، جيڪو زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ۽ سندس گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.