ٺل ۾ چئن مقتولن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا

ٺل (ن ع آ)ٺل ۾ جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙوجي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي. ٻئي طرف ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ اٺ سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.. هوڏانهن ،ان موقعي تي پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا،شهرين بشير سرڪي،محمد بخش بروهي،ظفر لاشاري،غوث بخش ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته رب پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي. هوڏانهن ٺل ۾ ٻه مهينا اڳ بجلي جي تار لڳائڻ جي معاملي تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل 13ورهين جي معصوم نينگر سعيد احمد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ شھرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.