لاڙڪاڻي ۾ بدامني، شهري پوليس خلاف روڊن تي نڪري آيا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايوب ڪالوني جي رهواسين ٻن گهرن ۾ لڳل ڌاڙي، بدامني توڙي حيدري ٿاڻي جي پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ پورهيو ڪندڙ اڪرم ٻرڙو پنهنجي سئوٽ رڪشا ڊرائيور امداد علي ٻرڙو، مائٽن شفيع الله، عطاءَ الله، محمد عابد ٻرڙو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين دانهيو ته 6 جنوري جي شام ڌاري 19 سالن جو ڀاڻيجو محمد ابراهيم ٻرڙو پنهنجي ڳوٺ کان زرعي زمينن ڏانهن وڃي رهيو هو ته سندس موٽرسائيڪل جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هو اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿيو جنهن جي تدفين جي لاءِ مون سميت سئوٽ امداد علي ۽ سمورا گهر ڀاتي قمبر تعلقي جي ڳوٺ دڦر ٻرڙو ويا هئاسين جتي ٽيجهي بعد واپس گهر پهتاسين ته نامعلوم چورن پويان اسان جي ٻن گهرن جا تالا ٽوڙي منهنجي گهر مان 6 لک روپيه روڪ رقم، 4 تولا سون زيور، هزارين روپين جو قيمتي سامان، سئوٽ امداد ٻرڙو جي گهر مان هڪ لک روپيه روڪ رقم ۽ 2 تولا سونا زيور ۽ هزارين روپين جو قيمتي سامان کڻي ويا هئا اهڙو اطلاع حد جي حيدري ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو جنهن بعد پوليس پاڙي جي چوڪيدار انعام دايو کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي پر هن وقت تائين ڌاڙن ۾ ملوث ٻين چورن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي روڪ رقم، سونا زيور توڙي ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته اسين پورهيت آهيون، روز ڪمائي روز کائون ٿا پر لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جنهن ڪري پوليس غريب طبقي کي به چورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جيڪي سرعام وارڌاتون ڪري فرار ٿيو وڃن ٿا پر پوليس اهڙن چورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي مسعود لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته ٻنهي ڌاڙن ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪري چوري ڪيل روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس ايس پي آفيس ٻاهريان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.